Friday , April 19 2024

هي آهي سنڌ!12 سالن جي حڪمراني،زندگي بچائڻ لاءِ تازو ڄاول پٽ وڪرو

گهوٽڪي(خاص نمائندو سنڌسماءِچار) سنڌ ۾ 12 سالن لاڳيتو حڪمراني ڪندڙ عوامي پارٽي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ويم جون سهولتون به مهيا ڪري ناهي سگهي، ڏهرڪي واري علائقي واسڻ غريب عورت ويم جا پئسه نه هجڻ عيوض پنهنجو تازو ڄاول پٽ وڪرو ڪري صرف سندس ۽ پنهنجو جيئدان حاصل ڪري ورتو آهي. ڏهرڪي شهري جي مصطفيٰ پاڙي واسڻ عورت مسمات جميلا ويم جا پئسا ادا نه ڪري سگهڻ تي پنهنجو تازو ڄاول پٽ دائيءَ کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. مصطفيٰ پاڙي ڏهرڪي جي رهواسي پورهيت محمد صديق شيخ جي گهرواري مسمات جميلان شيخ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته، 6 مهينا اڳ ڏهرڪي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ سندس ڊليوري ٿي هئي، جنهن ۾ کيس پٽ ڄائو هو، اسپتال انتظاميه ڊليوري جو بل 18 هزار رپيا ڪڍيو، جيڪي هنن وٽ نه هئا. جميلان شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته، ڊليوري جو 18 هزار رپين جو بل ادا ڪرڻ لاءِ هن ڄاڻ سڃاڻ واري هڪ دائي سان رابطو ڪري اسپتال انتظاميه کي سفارش ڪرڻ جو چيو، جنهن تي تعظيم نالي ان دائي مون کي چيو ته تون پنهنجو ڄاول پٽ وڪرو ڪر ته فيس ٻار کي خريد ڪندڙ پاڻ ئي ڀريندو، جڏهن ته توهان کي گهر جو خرچ به ڏنو ويندو. هن چيو ته سندس مڙس هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي بورچي جو ڪم ڪري گهر هلائيندو آهيغربت سبب وٽس ايترا پيسا نه هئا، جو اسپتال جي فيس ڀري سگهون. جميلان شيخ جي دعويٰ موجب اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ، ڊليوري ۽ دوائن جو بل ادا ڪرڻ لاءِ تازو ڄاول پٽ مجبور ٿي ڳوٺ فتح پور جي رهواسي رمضان سهرياڻي کي اسپتال جي فيس جا 18 هزار رپيا ادا ڪرڻ تي وڪڻي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته پنهنجي پٽ کي ڏسڻ لاءِ رمضان سهرياڻي جي گهر وڃي ٿڪجي پئي آھيان پر هو مونسان پٽ کي ملائڻ لاءِ به تيار نه آهن. هن چيو ته ڪالهه به رمضان سهرياڻي جي گهر ويس ته مون کي ڌڪا ڏيئي گهران ڪڍرائي ڇڏيو. مجبوري جي علامت بڻيل جميلان شيخ ميڊيا جي نمائندن آڏو بيوسي ۽ لاچاري مان صرف ايترو مطالبو ڪيو ته، بس ٻيو ڪجهه نه پر رڳو پٽ سان ملڻ ته ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *