Friday , April 26 2024

هوسڙي ۾ ڪولهي برادري جي گهرن کي باهه، متاثرن پاران آبپاشي کاتي تي الزام

حيدر آباد ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) حيدرآباد ۾ هوسڙي واري علائقي ۾ اڪرم واهه جي ڪڙ سان ويٺل ڪولهي برادري جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 گهڙي ويا، باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا ۽ سندن الهه تلهه رک ٿي ويو. متاثرن الزام  هنيو آهي ته، آبپاشي کاتي جي عملدارن سندن گهرن کي پاڻ باهه ڏئي ساڙيو آهي. اڪرم واهه تي ويٺل ڪولهي برادري جي 7 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 7 گهر سامان سميت سڙي رک جو ڍير ٿي ويا، باهه وسائڻ جي ڪوشش دوران  3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا،سڙي زخمي ٿيلن ۾ بابوڙو ڪولهي۽ڪرشن  شامل آهن. متاثرن بابو، روشن، اشوڪ، سنيتا ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪيو.  احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن گهرن کي آبپاشي ملازم عبدالحفيظ راجپوت هٿ سان باهه ڏني آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ذميوار خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *