Saturday , April 20 2024

“هنن جو مون سان جهيڙو ٻيو نه صرف 18هين ترميم تي آهي”: آصف زرداري جي دعويٰ

هنن جو مون سان جهيڙو ٻيو نه صرف 18هين ترميم تي آهي ۽

اسان جا وسيلا کسڻ چاهين ٿا: آصف زرداري

بدين(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري دعويٰ ڪندي چيو آهي ته، هنن جو مون سان ٻيو ڪو به نه پر رڳو 18هين ترميم تي جهيڙو آهي، اسان جي زمين ختم ٿي وئي هاڻي قدرتي وسيلا کسڻ ٿا چاهين.اڳوڻو صدر آصف زرداري راهوڪي ۾ فاضل راهو جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته، اسان هميشه، غريبن ۽ پيڙهيل طبقي جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن جو ئي ساٿ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري عمران خان ۽ پيٽي آءِ جي ٻ ين اڳواڻن جا نالا وٺڻ کانسواءِ کيس سخت تنقيد جو نشان بڻائيندي چيو ته، اوهان سمجهو ٿا ته بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جا ماڻهو اوهان جي چونڊ نتيجن کي مڃن ٿا، نه هرگز نه ٿا ،مڃين، ڇاڪاڻ ته اوهان هر شئي 50 سيڪڙو مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ڊالر مهانگو ڪيو، اوهان کي خبر ئي نه پئي، ڊالر مهانگو ٿيڻ جي خبر به اوهان کي ٽي وي چئنلز تان پئي ته پوءِ باقي اوهان کي خبر ڪهڙي آهي. آصف زرداري چيو ته اسان حڪومت ٺاهي، ملڪ کي هلايو، اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي ڪنهن به نه سوچيا هئا، هن چيو ته ٻڌي ڇڏيو، عمران خان 5 سالن تائين اقتدار ۾ نه رهي سگهندو، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو عمران خان 5 سال ڪڍي وڃي. آصف زرداري چيو ته ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿن ۾ مان نڪري وڃي، زمين ختم ٿي وئي، هاڻي اهي گئس ۽ ٻيا ذخيرا کسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن پرواهه نه ڪن، هاڻي سڀني کي اسان سنڀالينداسين، سڀني جو مقابلو ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *