Friday , March 29 2024

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ايس 28 ٺري ميرواهه تي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي مختلف ڳوٺن جا دورا، نثار شر چيو آهي ته، 40 سالن کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويندڙ نمائندا تڪ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ڏئي سگهيا، صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. خيرپور ضلعي جي پي ايس 28 ٺري ميرواهه تي آزاد اميدوار ۽ سماج سڌارڪ نثار احمد شر اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ در در چونڊ مهم ڪرڻ دوران تڪ جي مختلف برادرين پاران کيس مڪمل حمايت جي پڪ ڪرائي آهي.

نثار شر مختلف ڳوٺن ۾ عوامي ميڙاڪن ۽ در در چونڊ مهم دوران ڳالهائيندي چيو ته، گذريل 40 سالن کان تڪ جي عوام سان واعدا ڪري ووٽ وٺندڙ وري 5 سالن تائين ظاهر ئي ناهن ٿيندا. هن چيو ته، 10 سال لاڳيتو حڪومت ۾ صلاحڪارين سميت مختلف سرڪاري عوامي عهدن تي رهندڙن تڪ جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به مهيا نه ڪري سگهيا آهن. هن چيو ته هاڻي اهي ساڳيا ماڻهو ساڳيا واعدا کڻي هڪ ڀيرو وري ووٽ وٺڻ لاءِ نڪتا آحن. نثار شر چيو ته هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي اهڙن آزمايلن کي ٻيهر نه آزمائيندو. هن مختلف برادرين پاران سندس حمايت ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *