Friday , April 19 2024

هرقسم جا ڪتاب، ڪتابچه ۽ پمفليٽ سنڌ حڪومت جي مرضي مطابق ڇاپڻ لاءِ سخت قانون جي تياري

Press bill 07

سنڌ حڪومت پاران “سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” لاڳو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

“سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” جي تيار ڪيل ڊرافٽ جي ڪتابن، ڪتابچن ۽ پمفليٽس واري حصي ۾ چيو ويو آهي ته، انهن کي ڇاپيندڙ پريس مالڪ ان ڳالهه جو پابند هوندو ته انهن جون چار ڪاپيون ڊائريڪٽر پريس وٽ جمع ڪرائيندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو هاڻي صرف سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري اتان منظور ڪرائڻو آهي. هن ايڪٽ مطابق جيڪڏهن ڊائريڪٽر پريس ڪنهن به ڪتاب يا ڪتابچي ۽ پمفليٽ تي اعتراض لڳائيندي چوي ته، هي ڪتاب ايڪٽ جي ضابطن ۽ قائدن جي خلاف آهي ته ان کي ڇاپيندڙ پريس مالڪ ڏنڊ ۽ قيد يا ٻنهي سزائن کي منهن ڏيندو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، “سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” جي ڊرافٽ جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ هاڻي رڳو سنڌ اسيمبليءَ مان ان جي منظوري رهيل آهي.

  Press bill 06

سنڌ حڪومت پاران تجويز ٿيل، سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 بابت جيڪي تفصيلي سنڌسماءَچار کي ملي سگهيا آهن، انهن جي ڪجھ شقن/نقطن مطابق

“سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” تحت: پرنٽنگ پريس واري جي ذمه داري آهي ته سندس پريس ۾ ڇپجندڙ هر ڪتاب، ڪتابچي، پمفليٽ جون چار ڪاپيون ڊائريڪٽر پريس وٽ جمع ڪرائي.

ڊائريڪٽر پريس انهن ڪتابن، ڪتابچن پمفليٽن جي باري ۾ فيصلو ڪندو، جيڪڏهن ان جي ”عقل“ ”فهم“ مطابق ان ۾ ڪا اعتراض جهڙي ڳاله هوندي ته، پريس واري کي ڏنڊ ۽ قيد / يا ٻئي گڏ جون سزائون ڪاٽڻيون پونديون. ان جي معني ته هاڻي سنڌ ۾ ڇپجندڙ هر ڪتاب جي صحت جي باري ۾ حڪومت فيصلو ڪندي؟

ان سلسلي ۾ سينئر صحافي قاضي آصف جو چوڻ آهي ته، “جيڪڏهن، “سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” لاڳو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ، سنڌ جي سُڌ سماءَ واري کاتي جي آفيسرن جي ”ذهني صحت“ جو جيڪو معيار آهي ان مطابق ته ابراهيم منشي، شيخ اياز، امرجليل، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو سميت ڪنهن جا به ڪتاب ڇپجڻ لائق نه هوندا؛ پوءِ ته ڪتاب ڇپيندڙ لازمي طور سزا ڀوڳيندو. هن چيو ته، حڪومت سنڌ جو موقف آهي ته اها پابندي بندش پيل تنظيمن جو مواد پريسن ۾ ڇپجڻ کان روڪڻ لا۽ لڳائي پئي وڃي. اڄ تائين مذهبي انتهاپسندي، پابندي پيل تنظيمن جي خلاف قدم کڻڻ جي حوالي سان ڪيل قانونسازي جو استعمال جيڪو سامهون آيو آهي ان تي نظر وجهبي ته، ان جا صرف ساڃاه وند ئي نشانو بڻيا آهن. هن قانون ۾ اهو واضع ئي ناهي ته اها پابندي ڪنهن تي لاڳو هوندي؟

Press bill 05

ان جو مطلب سڀ تي لاڳو هوندي. ڊائريڪٽر پريس ڪنهن به ڪتاب کي پنهنجي عقيدي، نظريي ۽ سوچ خلاف سمجهي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. قاضي آصف جو چوڻ آهي ته، هن پابندي مان مذهبي ۽ فرقيوارنه ڪتاب ته آساني سان نڪري ويندا، ڦاسندا سڀ ترقي پسند، جمهوريت ۽ وطن دوست ليکاري، صحافي، شاعر ۽ اديب. اڄ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آهي، سڀاڻي ارباب غلام رحيم پارو، فناٽڪ ، مذهبي انتهاپسند سوچ رکندڙ اقتدار ۾ اچي ته پوءِ ته هو ڀٽو جي باري ۾ ڪتاب به نه ڇپرائي سگهندا. خبرناهي اها قانونسازي ڪنهن جي مرضي ۽ منشا تحت اچي رهي آهي پر ان جي تشريح هاڻي کان ئي جناب شهاب اوستو ۽ ٻين قانوني ۽ آئيني ماهرن کان ڪرائي سنڌ حڪومت جي مٿان دٻاءُ وجهي اهي شقون ڪڍرايون وڃن. يڪو ڪرڻو هجي، بل پاس ڪرڻ کان اڳ ئي ٿيڻ گهرجي.”

Press bill 07

سنڌسماءَچار سٿ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي “سنڌ پريس، نيوزپيپرز، نيوزايجنسيز اينڊ بوڪ رجسٽريشن ايڪٽ 2017 ” جي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ کان اڳ ان تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري ان جي رستا روڪ يا ان ۾ مثبت ترميمون / تبديليون ڪرائڻ لاءِ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي اپيل ڪري ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *