Thursday , March 28 2024

هتي وڏاوڏا لڪائيندڙ آهن، رائو انوار انهن وٽ ته لڪايل ناهي؟ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نقيب محسود قتل ڪيس جي ڀڄي ويل/مفرور جوابدار معطل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري ڳجهارت بڻجي وئي آهي، سپريم ڪورٽ کيس 3 ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ته ڇا رائو انوار کي ڪنهن لڪايو ته ناهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ڪارروائي دوران آءِ جي سنڌ الههڏنو خواجا، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي عدالت ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ پاران نوٽيسز جاري ڪرڻ باوجود ملير جو معطل ڪيل ايس ايس پي رائو انوار سپريم ڪورٽ آڏو پيش نه ٿيو.

عدالت جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته، نقيب الله قتل جي جاچ ڪميٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. رپورٽ پيش ڪرڻ بعد چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇا رائو انوار عدالت ۾ آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت کي ٻڌايو ته هو ملير جو ايس ايس پي رائو انوار جنهن کي معطل ڪيو ويو آهي، اُهو عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، پوليس ان جي گرفتاري لاءِ ڪوششُن ڪري پئي پر اڃا تائين رائو انوار ڀاڳيلو / مفرور آهي ۽ پوليس کي هٿ اچي ناهي سگهيو. جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته؛ رائو انوار کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، توهان رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪئي؟ آءِ جي سنڌ عدالت کي رائو انوار جي گرفتاري بابت قدمن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. رائوانوار معطل ٿيڻ بعد اسلام آباد هليو ويو هو، پر ان وقت تائين سندس خلاف نقيب الله کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ وارو ڪيس داخل نه ٿيو هو. ان موقعي تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار؛ عدالت ۾ موجود سول ايوي ايشن اٿارٽي جي موجود عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته؛ ڇا خانگي جهاز ۾ رائو انوار سفر ته نه ڪيو آهي؟ 15 ڏينهن ۾ رائو انوار 15 ڏينهن اندر پرڏيهه سفير ڪيو ته ناهي؟ ان سلسلي ۾ سمورا چارٽر / خانگي جهاز رکندڙ مالڪ ڌار ڌار قسم ناما پيش ڪن.

چيف جسٽس، اي ڊي خواجا کان پڇاڻو ڪيو ته هتي به وڏا وڏا لڪائيندڙ موجود آهن، آءِ جي صاحب ٻڌايو ڪراچي ۾ ڪنهن رائو انوار کي لڪايو ته ناهي؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته رائو انوار جتي ويو اتي توهان (آءِ جي سنڌ پوليس) جي پهچ ئي ناهي؟. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي چيو ته اوهان آزادي ۽ بنا ڪن هن ڊپ ڊاءَ ۽ دٻاءَ جي ڪم ڪيو. اسان ايماندار آفيسرن کي ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان کي ٻڌايو توهان کي ڪيترو وقت گهرجي. آءِ جي سنڌ چيو ته مان وقت نه ٿو ڏئي سگهان، سندس گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. عدالت جي پڇاڻي تي آءِ جي سنڌ سپريم ڪورٽ کان رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي ٽن ڏينهن اندر رائو انوار جي گرفتاري يقيني بڻايو وڃي، مون کي پوليس تي اعتبار آهي، پوليس ۾ سٺا آفيسر آهن، نقيب الله قوم ۽ اسان جو ٻچو هو، اسان رياست کي قتل عام جي اجازت نه ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *