Friday , March 29 2024

ها مان ڪرپٽ پيپلن لاءِ ڏانئڻ آهيان: نصرت سحر عباسي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ها مان پ پ وارن لاءِ ڏانئڻ آهيان، اهڙو سخت جواب ڏنو آهي نصرت سحر عباسي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي منور وساڻ جي بيان تي. منور وساڻ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي ڏانئڻ قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ نصرت سحر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي، منور وساڻ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته، ڏانئڻ جي لاءِ مشهور آهي ته اُها انسانن جو هيانءُ ڪڍي کائيندي آهي؛ ها مان به پيپلز پارٽي وارن لاءِ ڏانئڻ آهيان. هن چيو ته مان اُها ڏائنئڻ آهيان جيڪا سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندي آهيان. رمشا وساڻ هجي، نائلا رند هجي يا ڪو ٻيو هجي مان انهن سان گڏ آهيان. هاڻي هنن جي هڌيانءُ تي ويهي سنڌ جي ڳالهه ڪندس. پيپلز پارٽي وارن جي هنيانءُ تي ويهي ڳالهائينديس. هُن اپيل ڪئي ته ڪوٽڏيجي، خيرپور ۽ سموري سنڌ جو عوام رمشا وساڻ جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ متحده ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *