Friday , March 29 2024

هاڻي ڪنهن ٻئي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين: وزيراعظم عمران خان

راولپنڊي/اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان ٻين جي جنگ جو حصو نه بڻجڻ جو اعلانرر ڪندي چيو آهي ته، اسان جي پرڏيهي پاليسي پاڪستان ۽ قوم جي بهتري واري هوندي، اها رڳو سوچ آهي ته سول ملٽري لاڳاپا بهتر نه آهن، اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، جي ايڇ ڪيو ۾ يومِ دفاع جي موقعي تي مک تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.تقريب دوران وزيراعظم عمران خان آرمي چيف سان گڏ شهيدن جي يادگار تي  گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا پڻ گهري. ان موقعي تي يوم دفاع جي مک تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن آئون ڪرڪيٽ نه کيڏيان ها ته اڄ هڪ رٽائرڊ فوجي هجان ها.

وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، هن چيو ته قوم سان واعدو ڪريان ٿو ته پاڪستان ڪنهن ٻئي ملڪ جي جنگ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي ملڪ جي بهتري لاءِ هوندي. سندس چوڻ هو ته آئون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي خلاف هئس پر جنهن ريت پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي دنيا ۾ ڪنهن به فوج اهڙي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ ۾ واحد ادارو آهي جيڪو ميرٽ تحت ڪم ڪري پيو ۽ ان ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجا ادارا مضبوط ڪرڻا آهن ڇاڪاڻ ته سياسي مداخلت سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو پر اڄ قوم مسئلن ۾ گهيريل آهي ۽ ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته اسان عظيم قوم ان وقت بڻجنداسين جڏهن هڪ مزدور، هڪ سپاهي ۽ ٺيلي وارو اهو سمجهندو ته هو ته محنت ڪري رهيا آهن پر سندن ٻار اسڪول مان پڙهي نڪرندا ته اهي ڊاڪٽر يا انجنيئر بڻجي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته اها رڳو سوچ آهي ته سول ملٽري لاڳاپا بهتر نه آهن، اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي، اسان سڀ گڏ آهيون ۽ گڏيل طور ملڪ کي ترقي وٺرائينداسين. وزيراعظم شهيدن کي خراج پيش ڪندي چيو ته الله پاڪ شهيدن جا درجا بلند ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *