Friday , March 29 2024

هاڻي جتان ڪو به ماڻهو گم ٿيو ته ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، هاڻي جنهن به علائقي مان ڪو ماڻهو گم ٿيندو ته ان علائقي جي ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيسجي شنوائي ڪئي، عدالت 85 سالن جي پيرسن فيروز خان جي گمشدگي بابت به ڪيسجي ٻڌڻي ڪئي. شنوائي دوران پوليس پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس هر ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر تبديل ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن جو به عزيز گم نه ٿيڻ گهرجي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته غازي خان، محمد جميل، شير افضل ۽ شيراز 2011 کان گم آهن، سندن ڏس پتو نه ملي رهيو آهي. سرڪاري وڪيل دليلن ۾ چيو ته پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته انهن چئني ماڻهن کي عزير بلوچ جي گينگ ماري ڇڏيو آهي. گم ٿيلن جي وارثن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ماڻهن کي ماريو ويو آهي، ان حوالي سان ڪي ثبوت پيش ڪيا وڃن. عدالت، گم ٿيل غازي خان، محمد جميل، شير افضل ۽ شيراز جي بازيابي لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته 85 سالن جو پيرسن فيروز خان عباسي شهيد اسپتال مان گم ٿي ويو آهي، چار سال گذرڻ باوجود سندس ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.  عدالت ۾ هڪ شهري چيو ته منهنجو پٽ محمد غفور نيو ڪراچي مان گم ٿي ويو، 8 جي آءِ ٽيز ٺهيون ۽ 6 آفيسر تبديل ٿيا پر منهنجو پٽ بازياب ٿي نه سگهيو آهي. عدالت ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي جاچ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڊي آءِ جي ليول جو  آفيسر مقرر ڪيو وڃي. عدالت 85 سالن جي پيرسن فيروز خان سميت ٻين گم ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس ۽ رينجرز سميت ٻين ڌرين کان 17 آڪٽوبر تائين  رپورٽ طلب ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *