Wednesday , April 24 2024

نئين پاڪستان ۾ مردن سان گڏ عورتون به گم ڪيون پيون وڃن: اختر جان مينگل

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽  بي اين پي جي سربراهه اختر جان ميگنل چيو آهي ته، ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سڀني کان وڌيڪ عذاب عورتون ڀوڳين ٿيون، چچريل لاش رڳو بلوچستان جو مسئلو نه آهي، اهو مسئلو سنڌ ۾ به جاري آهي، هاڻي ته خيبرپختونخواه ۽ پنجاب ۾ به اهو عمل شروع ٿي ويو آهي. اختر جان مينگل ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاران” پاڪستان ۾ انساني حقن جي آڏو ايندڙ ڏکيائن بابت قومي صلاڪاري ڪانفرنس“ جي عنوان سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته رياست پنهنجي ماڻهن لاءِ ماءُ جو روپ هوندي آهي، پر اسان کي انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، اسان جي رياست پنهنجن ٻچن سان ماٽيلي ماءُ کان به وڌيڪ خراب ۽ ڏکوئيندڙ سلوڪ ڪري رهي آهي. اختر مينگل چيو ته، گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن ملڻ جو سلسلو شروع ته بلوچستان کان ٿيو ۽ اسان پهرين ڏينهن کان دانهون ڪندا رهياسين، پر ڪنهن به ان تي ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته اهو سلسلو سنڌ تائين پهتو سنڌ مان بهب  ماڻهن جي گم ڪرڻ ۽ انهن جي لاشن ملڻ جو سلو شروع ٿيو جيڪو هاڻي اتي به ناهي رڪيو، ماڻهن جي گم ٿيڻ ۽ چچريل لاشن ملڻ وارو سلسلو هاڻي پنجاب ۽ ڪي پي جو به مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن جو مطلب سڄي ملڪ جو مسئلو آحي. ايم اين اي اختر مينگل پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته، گم ڪيل ماڻهن جي وارثن مان وڌيڪ عورت عذاب ڀوڳي ٿي، ڇو جو ڪنهن ماءُ جو پٽ، ته ڪنهن ڌيءُ جو پيءُ، ڪنهن وني جو ور، ته ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ گم ڪيو وڃي ٿو. اختر مينگل چيو ته پراڻي پاڪستان ۾ ته رڳو مرد گم ٿيندا هئا پر نئين پاڪستان ۾ عورتون به گم ٿي رهيون آهن، اسان اجتماعي قبرون ملڻ تي رياست ۽ عدالتن کي ٻڌايو هو. وقت جي سرڪار ۽ ادارن ڪميشن ته جوڙي پر ڪا به رپورٽ نه ته پيش ڪئي وئي ۽ نه ئي اها رپورٽ پبلڪ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان عمران خان سان سرڪار جو حصو ٿيڻ وقت ئي پهريون مسئلو کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو رکيو هو، ڀلي پي ٽي آءِ سرڪار هڪڙي ڏينهن ۾ اهو مسئلو حل نه ڪري پر ان کي هن مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي.

انساني حقن جي اڳواڻ ۽ جسٽس (ر) ماجده رضوي چيو ته آءُ به اهڙي تجربي مان گذري چڪي آهيان ڇو جو منهنجو هڪ مائٽ کنڀي گم ڪيو ويو هو، هن وقت جي ايڊووڪيٽ جنرل سان مون رابطو ڪيو پر فوري طور تي ڪو به جواب نه مليو مون ڏٺو ته متاثر خاندان چند ڪلاڪن ۾ بيحال ٿي ويو هو، جنهن جا پيارا ورهين کان گم آهن هنن سان ڪهڙي حالت هوندي، خير جڏهن منهنجي عزيز کي آزاد ڪيو ويو ته هن مٿان ڪيس مڙهي عدالت آندو ويو، ادارا اسان جي حفاظت لاءِ آهن جيڪڏهن هو اسان کي کنڀيندا رهن ته اسان اهو ئي سوچينداسين ته رياست پنهنجي ادارن آڏو ئي بيوص بڻيل آهي، نه رڳو اهڙا قانون جوڙيا وڃن جنهن سان هر طاقتور سپريم ادارن آڏو جوابده هجي پر هن سان گڏوگڏ انهن قانونن تي عمل به ڪيو وڃي، اسان کي سوچڻو پوندو ته هر پاڪستان ۾ شهري جيترو سڀني کي پيارو آهي ايترو ئي کنڀجي ويل بلوچ، سنڌي، پشتون ۽ پنجابي پيارو آهي. مايوسي رڳو بلوچستان ۾ نه پر هاڻ سنڌ ۾ به وڌي رهي آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي نُزهت شيرين چيو ته اسين هڪ ڪميشن طور ڪم ته ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اسان کي اها به اجازت ناهي ته اسان آسيه بي بي جهڙي مسئلي ته ڳالهائي سگهون. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته، جتي مذهب جي ڳالهه اچي ٿي؛ اتي قانون جي گنجائش ئي نه رهندي آهي. مسنگ پرسنز جي مسئلي تي اڄ جون عورتون عذاب ڀوڳي رهيون آهن. هن پروگرام ۾ سورٺ، سسئي لوهار، تنوير آريجو ۽ ٻين جون نياڻيون موجود آهن. هو پنهنجي پيارن جي جدائي ۾ نه رڳو درد پيون سهن پر انهي سان گڏوگڏ جدوجهد جي ميدان ۾ به آهن، اسان جا ادارا هڪڙي پاسي چون ٿا ته کنڀيل پيارا هنن وٽ ناهن، پر جيڪڏهن هو گم به آهن ته انهن کي بازياب ڪرائڻ ادارن جي ذميواري آهي. ادارن کي تيستائين مضبوط تصور نه ڪيو ويندو جيستائين هر ماڻهو کي انصاف نٿو ملي. سيمينار کي خطاب ڪندي انساني حقن جي اڳواڻ علي پلهه چيو ته رياست جون ذميواريون رياست ئي نڀائي سگهي ٿي پر جتي رياست ڪمزور ۽ ادارا مضبوط تصور ڪيا وڃن ته اهڙي ماحول ۾ حقن جي ڳالهه ڪرڻ به ڏوهه بڻجي ويندو آهي.جڏهن 14 آگسٽ ملهائڻ لاءِ ادارن کي رڳو هڪڙي صوبي مان 83 ماڻهو کنڀڻ جي ضرورت پيش اچي ۽ عدالتن سميت ڪنهن به سپريم اداري آڏو ماڻهو کنڀيندڙ جوابده نه هجن ته اهڙي رياست ۾ ماڻهون کي انصاف ملڻ مشڪل ٿيندو آهي.

ان موقعي تي وائيس فار مسنگ پرسنز جي ڪنوينر ۽ کنڀي گم ڪيل هدايت لوهار جي ڌيءُ سورٺ لوهار چيو ته اسان ٻن ورهين کان پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ رستن تي آهيون ۽ اسان عدالتن جا به در کڙ ڪايا آهن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چوي ٿو ته توهان جا پيارا ٿي سگهي ٿو اوهان کان ناراض ٿي گهر ڇڏي ويا هجن، اهڙن جوابن کانپوءِ اسين ڇا ڪيون.؟ هن چيو ته 20 مئي تي سڄي دنيا جي آڏو منهنجي ننڍي ڀيڻ سسئي لوهار جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا ۽ کنڀيلن لاءِ احتجاج ڪندڙن چار ڄڻن کي به اتان کنڀيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته مائرون روئي روئي پنهنجي ٻچن جي واپسي لاءِ اکين جو نور وڃائي ويٺيون آهن، پر ادارن ۽ رياست کي رحم نٿو اچي. جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. تنوير آريجو چيو ته منهنجو بابا خادم آريجو کي به 2 سال ٿيڻ وارا آهن، جي آءِ ٽي به جوڙي وئي پر ڪو کڙتيل نه نڪتو.

سيمينار ميڊيا جي آزادي بابت ڳالهائيندي ناليواري صحافي ۽ اينڪر مبشر زيدي چيو ته ماضي ۾ صحافي پويان ايڊيٽر بيهندو هو پر هاڻ اسٽيبلشمينٽ ميڊيائي مالڪن کي ئي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي اسين فورس، عدالت تي ڳالهائي نٿا سگهون. جيڪڏهن ڳالهايون ٿا ته فوري طور تي ان جو ردعمل اچي ٿو. هتي توهين مذهب ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ تمام آساني سان ڏنا وڃن ٿا، اهڙي ماحول ۾ اسان جهڙي ماڻهو جو آفيس يا گهر دير سان پهچڻ تي اهو ئي چيو ويندو آهي ته شڪر آهي پهچي ويو آهين. هن اسان ته سمجهيو شايد کنڀجي ويو هوندين. جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي ڪنهن جو انٽرويو ڪرڻو هجي ٿو ته ادارن مان اڳواٽ فون ايندي آهي ته هن کي روڪيو وڃي، ڪنهن جو به آواز دٻائڻ ناانصافي آهي. مبشر زيدي چيو ته، ميڊيا ۾ هلندڙ مالي بحران به انڪري پيدا ڪيو ويو آهي جو ڪو به ادارو اڻڌريو ٿي ڪنهن به اداري کان انساني حقن جي لتاڙ تي ڪو سوال نه ڪري. اڳ ۾ صحافت خوشحال هوندي هئي هاڻ رڳو چند صحافي خوشحال ٿي رهيا آهن انڪري اسان کي هاڻ ميڊيا ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان تمام گهٽ خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *