Friday , March 29 2024

هاڻي اسڪولن ۾ راڳ جي سکيا ڏني ويندي، سنڌ سرڪار پاران بجيٽ کان سُتت پوءِ 24 هزار نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو، پٽيوالا، چوڪيدار ۽ ڀنگين لاءِ ميٽرڪ بي گريڊ جو شرط لاڳو

education department01

سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ استادن سميت 24 هزار استادن سميت ٻيا ملازم (غيرتدريسي) ڀرتي ڪرڻ جو اضولي فيصلو ڪندي نئين پاليسي جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تعليم کاتي جي اسڪول ايجوڪيشن ۾ 24 هزار استادن ۽ نان ٽيچنگ جي ملازمن سميت 28774 خالي جاين تي نيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ، انهن جي ڀرتي بابت ريڪروٽمينٽ پاليسي تيار ڪري ورتي آهي.

تعليم کاتي پاران استادن ۽ کاتي ۾ ٻين (غيرتدريسي) ملازمن جي ڀرتين لاءِ، سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري کان اڳ واري تعليم جو “ارلي چائيلڊ هُڊ” پروگرام شروع ڪندي انهن لاءِ الڳ استاد  ڀرتي ڪرڻ ۽ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

سرڪاري پاليسي تحت نئين ڀرتين وارن استادن بابت سخت شرط لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀرتي ٿيندڙ ٽيچر بدلي نه ٿي سگهندا. پاليسي موجب ڀرتي وقت غير شادي شده عورت استاد شادي ڪرڻ بعد به بلي نه ٿي سگهندي.

سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ٿاڻو بولاخان، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، نارو تعلقو ۽ صالح پٽ تعلقن جي اُميدوارن لاءِ لکت واري ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو مارڪن وارو شرط گهٽائڻ جو به آپشن رکيو ويو آهي. نئي پاليسي موجب پٽيوالي، چوڪيدار ۽ ڀنگي جي ڀرتين لاءِ به ميٽرڪ-بي گريڊ جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح آفيس اسسٽنٽ، اسسٽنٽ ڪمپيوٽر آپريٽر جي لاءِ وري گريجويشن جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي. استادن جي ڀرتين ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو شرط لازمي قرار ڏنو ويو آهي. معذورن واري ڪوٽا طور اکين جي نور کان محروم، ٻوڙي ۽ گونگي اُميدوارن کي ڀرتين لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي

اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي جاري ٿيل ڀرتين واري پاليسي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ اڻ ڌري اداري ذريعي ورتي ويندي ۽ ان ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. نائين ۽ ڏهين درجي جي ڪلاسن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي کوٽ آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ميٿاميٽڪس ۽ ٻين سبجيڪٽن جا اسپيشلسٽ ڀرتي ڪيا ويندا. پهرين درجي کان اٺين درجي تائين به سبجيڪٽ اسپيشلسٽن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي. جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي لاءِ لاڳاپيل سبجيڪٽ ۾ ٽيسٽ ۾ 70 سيڪڙو مارڪون کڻڻ، هاءِ اسڪولن جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٽيچرن لاءِ به لاڳاپيل سبجيڪٽ ۾ 70 سيڪڙو مارڪون کڻڻ، جڏهن ته ارلي چائيلڊ هوڊ ٽيچرن جي ڀرتي لاءِ امتحان ۾ لاڳاپيل سبجيڪٽ ۾ 60 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. انهن ڀرتي ٿيندڙ ٽيچرن جو 4 سالن وارو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ کانپوءِ انهن کان ٻيهر لکت واري ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ پاس ٿيندڙ اُميدوارن جي ڪانٽريڪٽ ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي، جيڪي ٽيسٽ پاس نه ڪندا، انهن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

پاليسي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 14هين گريڊ جي جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرن ۽ 15هين گريڊ جي ارلي چائيلڊ هوڊ ٽيچرن جي ڀرتين جي اٿارٽي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن آهن، استادن جڏهن ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتين جي اٿارٽي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن آهي.

سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ٿاڻو بولاخان، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، نارا ۽ صالح پٽ تعلقن ۾ گذريل 3 دفعا ٿيل استادن جي ڀرتين دوران انهن علائقن سان لاڳاپيل اُميدوار ٽيسٽ پاس نه ڪري سگهيا ۽ ان جي ڪري ڀرتيون نه ٿي سگهيون، جنهن جي ڪري نئين ڀرتين واري ٽيسٽ ۾ به جيڪڏهن اُميدوارن 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون کنيون ته حڪومت انهن لاءِ 60 سيڪڙو وارو شرط نرم ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *