Friday , March 29 2024

هاءِ ڪورٽ پاران ڪلفٽن واري علائقي ۾ چارجڊ ڪار پارڪنگ بابت رپورٽ طلب، ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري

ڪراچي ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ چارجڊ پارڪنگ واري ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کي نوٽيس جاري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ڪلفٽن واري علائقي ۾ چارجڊ پارڪنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران چارجڊ پارڪنگ کان روڪڻ باوجود بيچ ويو، بوٽ بيسن سميت ڪلفٽن جي 9 هنڌن تي غيرقانوني طور  پارڪنگ  فيس وصول ڪئي پئي وڃي. درخواست گذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو  آهي ته ڪي ڊي اي غيرقانوني طور چارجڊ پارڪنگ جا ٽينڊر جاري ڪيا، جنهنڪري ٺيڪيدارن کي وصولي کان روڪيو وڃي. عدالت، موقف ٻڌڻ کانپوءِ ايڊووڪيٽ جنرل، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو ته درخواست گذار کي ڪنهن به صورت ۾ حراسان نه ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *