Thursday , March 28 2024

هاءِڪورٽ پاران اڳوڻن ۽ موجوده ايم پي ايز، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڪرپشن ريفرنسز ۽ جاچ جا تفصيل طلب

Mir Munawar TalpurAli Mardan Shah

ڪرپشن ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ اڳوڻن ۽ موجوده ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن ۽ ڪامورن بابت مڪمل تفصيل طلب ڪندي، نيب کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرپشن ڪيسز جي جاچ جاري رکي وڃي. نيب ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙن ۾ ضياءَ لنجار، پير مظهر، شرميلا فاروقي، اڳوڻي چيف سيڪريٽري اعجاز چوڌري، صديق ميمڻ، شاذر شمعون، بدر جميل منڌرو ۽ علي احمد لنڊ سميت 100 کان وڌيڪ اهم شخصيتون شامل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب کي سنڌ ۾ صوبائي کاتن جي آفيسرز، ايم پي ايز سميت مختلف شخصيتن خلاف هلندڙ ڪرپشن ريفرنسز ۽ انڪوارئريز  جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Sharmeela faroqi 02

سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي 100 کان وڌيڪ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سنڌ جي اهم بيورو ڪريٽس ۽ اهم شخصيتن خلاف نيب ريفرنسز تي نيب عدالتن ڪيسز هلندڙ آهن.نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ شخصيتن مان ڪجهه خلاف ڪرپشن بابت انڪوائريز به هلندڙ آهن. سنڌ ۾ نيب جي ڪيسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ ۾ موجوده وزيرن ۾ قانون وارو صوبائي وزير ضياءَ لنجار، اڳوڻو وزير پير مظهر الحق، شرجيل ميمڻ، شرميلا فاروقي، علي مردان شاهه، فقير داد کوسو، مير منور ٽالپر ۽ ٻيا شامل. نيب ريفرنسز کي منهن ڏيندڙ سنڌ جي ڪامورن ۾ اڳوڻا چيف سيڪريٽري اعجاز چوڌري ۽ محمد صديق ميمڻ به شامل آهن.

Sharjeel & pir mazhar

سنڌ حڪومت ۾ اهم انتظامي عهدن تي رهندڙ مڪاني ادارن جو اڳوڻو سيڪريٽري علي احمد لنڊ، بورڊ آف روينيو جو اڳوڻو سينئر ميمبر شاذر شمعون، سڌسماءَ ۽ ايڪسائيز کاتن ۾ سڪيريٽري رهندڙ بدر جميل منڌرو خلاف به ڪرپشن ڪيسز جا ريفرنسز ۽ انڪوائريز هلندڙ آهن. ٻي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪجهه عرصو جاري ڪيل حڪم تي عمل ڪندي نيب پاران 105 مفرور جوابدارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران انهن سمورن مفرور جوابدارن جا بئنڪ اڪائونٽس بند ڪرڻ لاءِ به ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خوصوصي ٽيمون جوڙي مختلف ادارن کان به مدد وٺن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

sidiq memonAnwar zai

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل نئين احتساب بل خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي جو لک ۾ فيصلو جاري، عاءِ ڪورٽ، نيب قانون ختم ڪرڻ وارو بل منظور ڪرڻ کان ان تي بحث جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، موجوده ۽ اڳوڻن ايم پي ايز جا به تفصيل طلب ڪيا آهن جن خلاف نيب ريفرنسز داخل آهن يا سندن خلاف انڪوائريز هلندڙ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *