Thursday , April 25 2024

ن ليگ کي ڌچڪو، عمران ۽ جهانگير ترين خلاف داخل ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

election commission

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف داخل ريفرنس رد ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق عمران خان ۽ جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏيڻ بابت هڪ ريفرينس اماڻيو هو، جنهن ڪجهه هفتا ٻڌڻيون ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڄ پيٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين خلاف داخل ڪرايل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو اماڻيل ريفرنس رد ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان نيم الحق اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته،  اسپيڪر اياز صادق جي بدنيتي جو پول پڌرو ٿي ويو آهي، نواز ۽ شهباز شريف جا لاٺڙيا وزير هاڻي اليڪشن ڪميشن ۽ عوام کان ڪوڙ ڳالهائڻ تي معافي وٺن. هن چيو ته جيڪي لاٺڙيا وزير چوندا آهن ته ڪو شرم ٿيندو آهي ڪو حياءَ ٿيندو آهي، انهن کي سندن ئي جملو واپس چوان ٿو.

Imran-Khan and tareen1

نعيم الحق چيو آهي ته اسپيڪر اياز صادق خلاف جي بدنيتي واضع ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ شريف ڀائرن ۽ اسپيڪر اياز صادق خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي، انهن جي بدنيتي ۽ ڪرپشن کي عوام آڏو پڌرو ڪندا رهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *