Tuesday , April 16 2024

ن ليگ جي اڳوڻي صدر بيگم ڪلثوم نواز هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

لاهور(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي خاتون اول ۽ ن ليگ جي اڳوڻي صدر بيگم ڪلثوم نواز هزارفين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، سندس ٻئي پٽ گرفتاري جي ڀؤ کان آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان نه آيا، نواز شريف، شحباز شريف، ممنون حسين ۽ ٻيا اڳواڻ جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي گهرواري، ٽي ڀيرا خاتون اول رهندڙ ن ليگ جي اڳوڻي صدر بيگم ڪلثوم نواز جي شريف ميديڪل سٽي جي گرائونڊ تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، مولانا طارق جميل بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز پڙهائي .

جنازي ۾ نواز شريف، شهباز شريف، راجا ظفر الحق، راڻا ثناءُ الله، دانيال عزيز، امير مقام، اقبال ظفر جهڳڙا، مشاهد حسين سيد، اڳوڻي صدر ممنون حسين، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر راڻا اقبال سميت ن ليگ جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. وفاقي حڪومت طرفان پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ (ق) جو اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي، (ق) ليگ جو صدر چوڌري شجاعت حسين، ڪامل علي آغا، پشتونخوا عومي ملي پارٽ جو محمود اچڪزئي، ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار سميت ٻيا اڳواڻ به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. جنازي نماز کان اڳ ۽ پوءِ سيڪيورٽي اختيارين طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون  ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهتا.

جنازي نماز بعد ميت کي ايمبولينس  ۾ رکي قبرستان ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي جتي ڪلثوم نواز جي تدفين جا بندوبست مڪمل ڪياويا آهن. بيگم ڪلثوم نواز کي شريف خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ سندس سهري ميان محمد شريف جي پيرانڌيءَ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  جتي نواز شريف جو ڀاءُ عباس شريف به دفن ٿيل آهي. ان کان اڳ بيگم ڪلثوم نواز جي ميت لنڊن کان لاهور آندي وئي ته ايئرپورٽ تي حمزه شهباز، سلمان شهباز ۽ خاندان جا ٻين فردن ميت حاصل ڪرڻ بعد ان کي شريف ميڊيڪل سٽي اماڻيو جڏهن ته ڪلثوم نواز جا پٽ حسين ۽ حسن نواز پاڪستان نه آيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *