Saturday , April 20 2024

ن ليگ اسانجي هر ضرورت تي ڌيان ڏنو ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ رقم ڏني: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر

لنڊن (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن قربانيون ڏنيون ۽ 76 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، ن ليگ جي حڪومت اسان جي هر ضرورت تي ڌيان ڏنو ۽ سرحد محفوظ بڻائڻ لاءِ رقم ڏني. ن ليگ حڪومت عسڪريت پسندن خلاف آپريشن جي منظوري ڏني ۽ مڪمل سهڪار ڪيو، انهن اسان جي هر ضرورت تي ڌيان ڏنو ۽ سرحد جي حفاظت لاءِ رقم فراهم ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجرجنرل آصف غفور باجوا جو چوڻ هنو ته، 5 سالن کان نظام بهتر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اڳ 2 کان 3 ڌماڪا معمول هوندا هئا پر هاڻ سڄي ملڪ، خاص طور ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن لاءِ بيورو ڪريٽس ۽ ٻين ادارن گڏجي ڪم ڪيو پر وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، بيورو ڪريسي ۽ نظام بابت پاڪستان مسلم دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي، جنهن ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته اسان جي فوج ۽ پوليس دهشتگردي خلاف ڪيترن ئي سالن کان وڙهي رهي آهي پر اولهه ميڊيا ۾ سدائين انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ٻڌل الزام لڳايا ويندا آهن، انٽرنيشنل ميڊيا ۾ پاڪستان بابت هاڪاري خبرن کي اجاڳر نه ڪيو ويو، فاٽا سڌارن تي به اولهه ميڊيا ۾ هڪ به مقصد واري اسٽوري نه ڏٺي وئي، پاڪستان ۾ خرابين کان وڌيڪ سٺيون ڳالهيون آهن، جيڪي دنيا کي ٻڌائڻيون آهن. اداري طور پاڪستان جي سڃاڻپ بلند ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ فوج ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي چاهي ٿي، عوام پنهنجي خواهش موجب ووٽ وڌو پر فوج تي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام مڙهيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ شاهديون آهن ته پيش ڪري، وقت ٻڌائيندو ته هاڻوڪيون چونڊون تاريخ جون شفاف ترين چونڊون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *