Friday , March 29 2024

نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي وزارتن جا قلمدان حوالي

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جي 6 رڪني نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي، نگران وفاقي وزير حسين هارون کي پرڏيهي ۽ دفاعي کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، شمشاد کي اختر ناڻي ۽ صنعتي پيداوار، اعظم خان کي گهرو وزارت ۽ ائنٽي نارڪوٽڪس ۽ علي ظفر کي سُڌ سماءَ، پارلياماني معاملن، قانون ۽ انصاف واي وزارت جا قلمدان ڏنا ويا آهن. نگران وزيراعظم جي وفاقي ڪابينا جي 6 وزيرن پاران حلف کڻڻ بعد نگران ڪابينا ۾ شامل وزيرن جي مختلف کاتن جي قلمدانن جو ڪابينا ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينا ۾ شمشاد اختر، عبدالله حسين  هارون، محمد يوسف شيخ، مسز روشن خورشيد، محمد اعظم خان ۽ علي ظفر شامل آهن.

عبدالله حسين هارون کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، وٽس نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جو قلمدان به هوندو، جڏهن ته دفاع ۽ دفاعي پيدوار جو قلمدان به عبدالله هارون وٽ ئي هوندو. اعظم خان کي بين الصوبائي وزارت جو قلمدان سونپيو ويو آهي. شمشاد اختر کي شماريات،  منصوبابندي، ڪامرس ۽ ٽيڪسٽائل جو  قلمدان ڏنو ويوآهي ۽ يوسف شيخ وٽ تعليم، نيشنل هيلٿ سروسز ۽ مذهبي معاملن واري وزارت به ڏني وئي آهي. علي ظفر کي سُڌ سماءَ، پارلياماني معاملن، قانون ۽ انصاف واي وزارت جا قلمدان ڏنا ويا آهن. محمد يوسف کي تعليم ۽ مذهبي معاملن ۽ روشن خورشيد بروچا کي انساني حقن جو وزير بڻايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *