Thursday , April 25 2024

نيڪ مرد سڏجندڙ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ۽ 40 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن….!!

حيدرآباد(سنڌسماءَچار نيوز) ڄامشورو جي مشهور شخصيت ۽ بيورو آف ڪريڪيولم جو اڳوڻو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ پير بخش سمون پنهنجي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت نيب ڪراچي جي ٽيم هٿان گرفتار، نيب جي ٽيم پير بخش سمون جي گهر ۾ داخل ٿي ٽن ڪلاڪن تائين سرچ ڪندي رڪاڊ، چيڪ بوڪ ۽ 5 لگزري گاڏين سميت اهم رڪاڊ هٿ ڪري ورتو، نيب جي ٽيم جي ڪارروائي دوران پير بخش سمون جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تان نيب ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ پڻ ٿي، جنهن دوران نيب جي اختيارين وڌيڪ نيب جون ٽي ٽيمون، رينجرز ۽ مقامي پوليس به نيب جي مدد لاءِ پهتچي وئي. رينجرز ۽ پوليس جي اچڻ بعد ڳوٺاڻا ماٺڙي ڪري  هليا ويا. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيربخش سمون کي اڳ ۾ گرفتار ڪيل ناڻي کاتي جو آفيسر مشتاق شيخ کان ڪيل جاچ جي بنياد تي سوگو ڪيو آهي. مشتاق شيخ وٽان ڪروڙين رپيا ڪرپشن جي روڪ رقم، سونا زيور، پرائيز بانڊ هٿ ڪيا ويا هئا. نيب ذريعن جي دعويٰ مطابق جاچ ۾ ڪجهه وڌيڪ اهم انڪشاف ٿيا آحن ۽ وڌيڪ ماڻهن جا نالا به سامهون آيا.

ذريعن موجب ڪرپشن ۾ بيورو آف ڪريڪيولم جي اڳوڻي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ پير بخش سمون ڪروڙن رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ پير بخش سمون سميت سندس گهر جي تقريبن 10 ڀاتين جي بئنڪ اڪائونٽ مان 40 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم غير قانوني ٽرانسفار ٿي هئي. جنهن جي نگراني بعد نيب ڪراچي جي ٽيم ڪوٽڙي ڀرسان ٽيليگراف لڳ پير بخش سمون کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيلن ۾ سندس ڀاءُ پرنس سمون، ٻه پٽ منتضر سمون ۽ مظفر سمون شامل آهن، جنهن کي نيب پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، گرفتار ٿيلن جي نشاندهي تي نيب سندس گهر ۾ تقريبن ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين سرچ ڪري اهم ڪاغذ هٿ ڪيا ويا آهن. نيب جي ٽيم پهچڻ تي ڳوٺاڻن پير بخش سمون جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته نيب اختيارين وڌيڪ ٽيمون طلب ڪري ورتيون، جنهن وقت تقريبن 3 کان وڌيڪ نيب جون ٽيمون پهتيون، جنهن بعد پير بخش سمون ۽ سندس ڀاءُ پٽن کي گرفتار ڪري کڻي وئي. نيب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته حيدرآباد ناڻي کاتي جي آفيسر مشتاق شيخ کي گرفتار ڪيوسين ان وٽان معلومات ملي ته ان ڪرپشن ۾ بيورو آف ڪريڪيولم جي اڳوڻي اسسٽنٽ پير بخش سمون بوگس بلن ذريعي ڪروڙن رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ ان ڪرپشن ذريعي اها رقم سندس ٻن پٽن ۽ ڀاءُ جي اڪائونٽ معرفت چيڪن ذريعي ڪروڙن رپين جي غيرقانوني منتقليون ڪيون آهن. نيب جي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇاپي وقت اسان پير بخش سمون جي گهر مان هڪ پراڊو سميت لگزري ڪارون تقريبن پنج گاڏيون هٿ ڪيون آهن، ان کان علاوه پير بخش سمون جي پراپرٽين جا ڪاغذ به هٿ ڪيا آهن. هن ڪيس جي انڪوائري هلندڙ آهي، گرفتار جوابدارن کي حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ اڄ ڇنڇر تي پيش ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *