Thursday , March 28 2024

نيٺ 5 سالن کانپوءِ ماروي ميمڻ کي وري اصول ياد اچي ويا

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنج سال گذرڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ن ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ اصولن جي سياست ياد اچي وئي آهي، ماروي ميمڻ ٽويٽر تي جاري پيغام ۾ ٻيهر پنهنجي پارٽي قيادت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪير مرضي جي خلاف آواز اٿاريندو آهي ته ان کي پاسي تي ڪيو ويندو آهي، راءِ جي مخالفت ڪندڙ کي باغي قرار ڏنو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو اسان اميد ٿا ڪيون ته اسان جون پارٽيون جمهوريت پسند هجن. پر بدقسمتي سان هن پارٽي ۾ رڳو جي حضوري هلي رهي آهي، جيڪي جي حضوري کانسواءِ ڪم ڪري رهيا هئا، انهن کي پاسي تي ڪيو ويو. ماروي ميمڻ چيو ته جن جي ڪري ڌرڻا ٿيا، اهي هاڻ به ڪامياب آهن، ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي انهن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي توهان کي ڪڙو سچ ٻڌائين، هڪ ڪامياب پارٽي ڪنهن جي ڪري ڏکيائين ۾ ڦاٿي، ڇو ته هو هن وقت ن ليگ رڳو مائينس ۽ پلس جي بحث ۾ ڦاٿل آهي. ياد رهي ته ماروي ميمڻ هر پنج سالن کانپوءِ اصولي طور تي سياسي وفاداريون تبديل ڪندي رهندي آهي. ن ليگ ۾ به کيس پنج سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ کيس جمهوري اصول ياد اچي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *