Friday , March 29 2024

نيٺ پ پ کي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ياد اچي وئي _ 30 اپريل تي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ ڌرڻن جو اعلان

PPP flag

پيپلز پارٽي سنڌ صوبي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ خلاف سنڌ جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ 30 اپريل تي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي جا اشتهار هلائي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.

پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سينٽر تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سي پيڪ جهڙا منصوبا هڪ مهيني ۾ ناهن ٺهندا، ن ليگ سي پيڪ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

نثار کهڙو چيو ته سي پيڪ منصوبي جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن پاڪ چين دوستي جو بنياد رکيو.

هن چيو ته شهباز شريف هميشه تعصب پرستي واري سياست ڪئي آهي، شهبا شريف ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور کان وٺي ڪڏهن به قوپمي سوچ جو مظاهرو ناهي ڪيو.

سيئنر صوبائي وزير نثار کهڙو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، وفاقي سرڪار لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ وارا اشتهار هلرائي رهي آهي، جنهن سان قومي خزاني کي کاٽ هڻي عوام کي دوکو ڏنو پيو وڃي.

نثار کهڙو چيو ته، پيپلز پارٽي پاران لوڊشيڊنگ، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف ۽ انهن جي حل لاءِ صوبي جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا.

هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ پهرين مرحلي ۾ 30 هين اپريل تي ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڊويزنز جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.

هن چيو ته ن ليگ جي وفاقي سرڪار پنهنجي 3 سالن جي دور ۾ سنڌ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو آهي، ن ليگ کي پنجاب کانسواءِ ٻيا صوبا خاص طور تي سنڌ نظر ئي نه ٿا اچن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *