Thursday , April 18 2024

نيب چيئرمين پي ٽي آءِ نه پر ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مقرر ڪيو، سيف الرحمان جو ڪير نالو نه ٿو وٺي: فواد چوڌري

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته موجوده نيب ۾ پي ٽي آءِ هڪ پٽيوالو به ڀرتي ناهي ڪيو، نيب چيئرمين جي مقرري خورشيد ۽ نون ليگ ڪئي، سمورو جاچ سيٽ اپ به انهن ئي لڳايو، موجوده نيب چيئرمين تي وڏي تنقيد ٿي پر ماضي ۾ سيف الرحمان کي نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ جڏهن اقتدار ۾ هئي ته ڪوبه اهڙو ليڊر نه هو، جيڪو سندن ڏاڍ کان محفوظ رهي هجي، ن ليگ جي حڪومت ۾ وزير اعظم عمران خان تي 32 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ 8 دهشتگردي ايڪٽ تحت هئا، پي ٽي آءِ جا سوين ڪارڪن کي ڪيسز ۾ نامزد ڪيو ويو. کيس خوشي آهي ته اپوزيشن ليڊر بار بار ملڪيت ثابت ٿيڻ تي استعيفيٰ جي ڳالهه ڪئي، کانئس سوال ڪرڻو هو ته اهو قائدو نواز شريف تي لاڳو ٿيندو يا نه؟ هي ڪيسز تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جا ناهن.وفاقي وزير قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به وزير اعظم 50 چورن کي سوگهو ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ته مخالف ڌر ڇو پريشان ٿي ويندي آهي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جيڪي ماڻهو اهڙا ناهن، اهي به پريشان ٿي ويندا آهن. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر چيو ته مٿس ڪيس داخل ٿيندو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا خراب ٿي ويندا آهن، پر هاڻي ائين ناهي، هيءَ ايترو عرصو حڪومت ۾ رهيا پر بادشاهت واري روايت قائم ڪئي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چيو هو ته 50 ماڻهن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ۽ هِي اُهي ئي 50 ماڻهو آهن، جيڪي گوڙ ڪري رهيا آهن گوڙ ڪرڻ سان احتساب عمل بند نه ٿيندو ۽ احتساب عمل مان جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *