Friday , April 19 2024

نيب پاران ڪرپشن ريفرنسز کي منهن ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن خلاف وٺ پڪڙ جو امڪان!

Qamar zama NAB

نيب پاران ڪرپشن ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، نيب چيئرمين ڊي جي نيب سنڌ کي فون تي رابطو ڪري هدايت ڪئي آهي ته ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن جا تفصيل کيس اماڻيا وڃن.

نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري ڊي جي نيب سنڌ الطاف باواني سان فون تي رابطو ڪري سنڌ ۾ هلندڙ نيب ڪيسز ۽ انڪوائريز بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين ڊي جي نيب کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ نيب ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ جن اسيمبلي وزيرن، ميمبرن ۽ ڪامورن ضمانتون نه ڪرايون آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين سنڌ جي اسيمبلي ميمبرز ۽ آفيسرز خلاف هلندڙ ريفرنسز ۽ انڪوائريز جا سمورا تفصيل کيس اسلام آباد آفيس موڪليا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *