Thursday , March 28 2024

نيب ٽيم نواز شسريف کي ايئرپورٽ تي گرفتاري جا وارنٽ حوالي/ تعميل ڪرائيندي

لاهور( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب اسلام آباد ۽ لاهور جي ٽيمن ، احتساب عدالت پاران نواز شريف جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيل وارنٽس کي پهچائڻ جا سمسورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ نواز شريف کي اڄ اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو ايئرپورٽ تي تعميل ڪرايا ويندا.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي نيب جي ٽيم بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ئي احتساب عدالت جي سمن جي تعميل جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي 10 رڪني ٽيم نواز شريف سان ايئرپورٽ تي ئي ملاقات ڪري کيس احتساب عدالت جو سمن پهچائيندي جڏهن ته ٽيم جي ميمبرز ۾ نيب لاهور ۽  راولپنڊي جا ميمبر شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف تائين پهچ لاءِ نيب ايئرپورٽ جي چيف سيڪيورٽي آفيسر کي سهڪار لاءِ خط به لکيو آهي. ذريعن موجب خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي ٽيم کي جهاز تائين رسائي ڏني وڃي، احتساب عدالت نواز شريف جي  پيشي لاءِ حڪم  جاري ڪيا آهن. احتساب عدالت 26 آڪٽوبر تي نواز شريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *