Wednesday , April 24 2024

نيب هيڊڪوارٽرز لاهور کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي، ڊڄڻ وارو ناهيان: نيب چيئرمين

لاهور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نيب هيڊ ڪوارٽر کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ملي آهي، زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڪرپشن خلاف بنا ڪنهن فرق جي جهاد جاري رکيو ويندو.

 لاهور ۾ نيب ڪامپليڪس جي دوري دوران آفيسرن کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪجهه ماڻهون چاهين ٿا ته نيب سياستدانن کي گرفتار ڪري جيئن اهي سياسي شهيد بڻجي وڃن. هن چيو ته نيب ڪنهن جي خواهش تي گرفتاريون نه ٿي ڪري، سمورن ڪيسز ۾ گرفتاريون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن.سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو نيب جي نوٽيس باوجود پيش نه ٿي رهيا آهن، ميگا ڪيسن جي فائيلز کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ان ۾ بهترين اڳڀرائي به ڪئي وئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان جو مقصد رڳو ملڪ مان ڪرپشن  جو خاتمو آڻڻ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *