Thursday , March 28 2024

نيب قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو

لاهو(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب ن ليگ جي گذريل پنجاب حڪومت پاران صوبي ۾ شروع ڪيل آشيانا هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪرپشڻ واري ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو آهي، شهباز شريف کي ڇنڇر ڏينهن احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، شهباز شريف کي نيب اڄ طلب ڪيو هو ۽ هو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نيب لاهور جي آفيس پهتو ، جتي ان کي حراست ۾ ورتو ويو. نيب پاران اپوزيشن ليڊ جي باضابطا گرفتاري لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ويو.قاعدن مطابق  قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر جي گرفتاري کان اڳ اسپيڪر کي ٻڌائڻو پوندو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي رابطي جي تصديق ڪئي آهي. نيب شهبازشريف جي گرفتاري بابت ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي وڏي وزير کي سڀاڻي احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب، فواد حسن فواد جي انڪشاف کانپوءِ شهباز شريف کي گرفتار ڪيو، جڏهن آخري شنوائي دوران ٻنهي کي آمهون سامهون ويهاريو ويو هو. پ پ جي قيادت ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عوام جي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ  مخالفن جي خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي. پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مخالفن جون گرفتاريون شروع ڪيون آهن. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته شهباز شريف کي پهرين گرفتار ڪرڻ بعد اسپيڪر کان سندس گرفتاريءَ جي اجازت گهري وئي، خورشيد شاهه چيو آهي ته، اپوزيشن ليڊر جي اهڙي طريقي سان گرفتاري پارليامينٽ جي توهين آهي. جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته شهباز شريف کي پهرين گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي اسپيڪر کان سندس گرفتاريءَ جي اجازت گهري پئي وڃي، انصاف اهڙو ٿيڻ گهرجي جيڪو سڀني کي نظر اچي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته نيب نون ليگ سربراهه  ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پهرين گرفتار ڪيو ۽ هاڻي اسپيڪر کان سندس گرفتاريءَ جي اجازت گهري پئي وڃي، جيڪو مناسب ناهي. جماعت اسلامي جي سربراهه چيو ته وزيراعظم کان پٽيوالي تائين ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، قوم جا 15 سئو ارب رپيا هڙپ ڪندڙ 436 کي گرفتار ڪيو وڃي، انصاف اهڙو ٿيڻ گهرجي جيڪو سڀني کي نظر اچي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *