Tuesday , March 19 2024

نيب نثار کهڙو، اڪرم دراني ۽ اختر بلوچ خلاف انڪوائري ڪندو

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نيب پاران سنڌ جو اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو، سينيٽر روبينه خالد ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وي سي اختر بلوچ سيمت 13 سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس خلاف ڪرپشن لازامن جي انڪوائري ڪرڻ جي منظوري  ڏني  وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نثار کهڙي پاران نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاري جي صورت ۾ معاملي کي سياسي رنگ ڏئي فائدو حاصل ڪيو ويندو.

قومي احتساب بيورو جي پڌرائي مطابق نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انڪوائريز ۽ ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير عاصما ارباب عالمگير جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر احسان جي خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب مطابق اڳوڻي وفاقي وزير اڪرم دراني، سينيٽر روبينا خالد، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وي سي ڊاڪٽر اختر بلوچ ۽ مسيرز ڪوسموس پروڊڪشن جي انتظاميا جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب سنڌ جي اڳوڻي سينئر وزير نثار کهڙي جي خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو آهي،جڏهن ته شيخ زيد ميڊيڪل ڪمپليڪس لاهور جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل حسن نقوي جي خلاف به انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *