Thursday , April 25 2024

نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪري ورتو، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيڪٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪيو ويوآهي. نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. ذريعن موجب نيب طرفان شهبازشريف کي سوالنامو به موڪليو ويو آهي. نيب پنجاب ۾ صاف پاڻي پراجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڄ پنجاب جي ناڻي واري وزير عائشه غوث پاشا پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *