Wednesday , April 24 2024

نيب عملدارن پاران حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گهرڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب اندر به ڪارين رڍن جي موجودگي جو انڪساف ٿيو آهي، نيب ڪراچي جي عملدارن پاران حيدر آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سڪندر ابڙو کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا رشوت گهري وئي، معاملي جي نيب هيڊڪوارٽر پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کان نيب ڪراچي جي عملدارن پاران رشوت طلب ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪندي فريادي آفيسر جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي. نيب ڪراچي جي عملدارن پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حيدرآباد سڪندر ابڙو کي يرغمال بڻائي رشوت طلب ڪرڻ واري معاملي جي نيب اسلام آباد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب انٽيليجنس ونگ اسلام آباد جي ٻن آفيسرز ڪاشف احمد ۽ ظهير الاسلام تي ٻڌل جاج ٽيم ڪراچي پهتي. نيب جي جاچ ٽيم فريادي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سڪندر ابڙو جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پنهنجي بيان ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر موقف اختيار ڪيو ته نيب ڪراچي جي عملدارن کيس گاڏي ۾ يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪئي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر حيدرآباد سڪندر ابڙو يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪرڻ بابت نيب ڪراچي جي عملدارن خلاف نيب اسلام آباد کي درخواست ڏني هئي، جنهن تي نيب اسلام آباد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *