Tuesday , April 16 2024

نيب جو آغا سراج جي گهر تي ڇاپو،6ڪلاڪن تائين جهڙتي اهم دستاويز هٿ

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سننڌسماءَچار) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتاري کانپوءِ سندس ڪراچي واري گهر تي نيب جي ٽيم ڇاپو هڻي گهر جي جهڙتي ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جهڙتي دوران اهم دستاويز، ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ پاڻ سان کڻي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج جي گهران هٿ ڪيل اهم دستاويزن ۾ منظور ڪاڪا سان لاڳاپيل ڪجهه فائلز مليا آهن. نيب جي ٽيم اربع ڏينهن شام ڌاري آغا سراج دراني جي گذري ويجهو ڊفينس واري علائقي ۾ قائم گهر تي ڇاپو هنيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عملدار لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين گهر ٻاهران بيٺا رهيا ۽ سراج دراني جي گهر ڀاتين کي دروازو کولڻ لاءِ چوندا رهيا پر دروازو نه کوليو ويو. اهڙي صورتحال کانپوءِ نيب ٽيم پنهنجي اختيارين کي سڄي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني، جنهن بعد مٿان کان اجازت ملڻ کانپوءِ نيب عملدارن آغا سراج دراني جي گهر ڀاتين کي اطلاع ڪرايو ته، جيڪڏهن دروازو نه کوليو ويو ته در ڀڃي نيب ٽيم اندر داخل ٿيندي ۽ دروازو ڀڃڻ جي ذ۾وياري انهن جي مٿان هوندي. جنهن کانپوءِ گهر اندر موجود هڪ هڪ مرد گهر ڀاتي دروازو کوليو. آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپي بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، نيبپاران گهر جي جهڙتي وٺڻ دوران نيب عملدارن نيب اسلام آباد ۾ آغا سراج دراني سان موجود عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ هئا. جيڪي آغا سراج دراني کان معلومات وٺي سندس گهر اندر موجود گهر ڀاتين کان ان معلومات مطابق ضروري ڪاغذ پٽ، فائيلز، ڪمپيوٽر يو ايس بيز ۽ ٻيو اهم مواد پنهنجي تحويل ۾ وٺندا رهيا. نيب عملدار جيڪو رڪارڊ تحويل وٺندا رهيو ان مينيو تيار ڪري اُتي موجود گهر ڀاتين کان ان تي صحيحون به ڪرائيندا رهيا.

آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپي بابت سنڌ سماءُ چار کي مليل ڄاڻ مطابق اسپيڪر جي گهر مان مليل هڪ کان وڌيڪ ليپ ٽاپس به هٿ ڪيا ويا جيڪي آپريٽ ڪري ٽيليفون ذريعي اسلام آباد ۾ نيب پاران گرفتار ڪيل سراج دراني کان موموجود نيب عملدار معلومات وٺندا رهيا جيڪي آغا سراج جي گهر موجود عملدارن سان معلومات شيئر ڪندا رهيا. ذريعن جي دعويٰ مطابق نيب ليپ ٽاپس ذريعي اهم دستاويزن، ڪجهه ڳجهن بئنڪ اڪائونٽس جي معلومات حاصل ڪري ورتي، جن ذريعي وڏي پئماني تي رقمن جي ڏيتي ليتي ٿيندي رهي آهي. نيب عملدارن انهن ليپ ٽاپس، اهم فائيلز، ڪجهه ڪمپيوٽر يو ايس بيز، موبائل فونز ۽ ٻيا اهم دستاويز پنهنجي تحويل ۾ ورتا. ذريعن موجب آغا سراج دراني سان رابطو ڪرائڻ کان کانپوءِ سندس گهر ڀاتين نيب ٽيم سان معلومات ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪيو؛ نيب ٽيم ۽ سراج دراني جي گهر ڀاتين وچ ۾ ڪنهن به موقعي تي ڪا به اڻوڻندڙ ڳالهه نه ٿي ۽ سمورو مرحلو پرسڪون نموني سان پڄاڻي تي پهتو.جنهن  کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر ۾ لڳ ڀڳ 6 ڪلاڪن تائين موجود نيب جي ٽيم پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سندس گهر مان مليل دستاويز، فائلز ۽ ٻيو سامان 2 کان وڌيڪ کوکن ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کڻي رواني ٿي وئي.

اهم خبر جيڪا سنڌسماءَچار  2 مهينا اڳ شايع ڪئي

آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جي 10 ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل طلب

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *