Saturday , April 20 2024

نياڻي جي قتل جي جرڳي جون ڳالهيون ڪيس خراب ڪرڻ جي سازش آهي: رمشا وساڻ جا والدين

خيرپور (خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) رمشا وساڻ جي والدين، قتل واري سانحي جو جرڳو ڪرڻ وارين ڳالهين کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، رمشا جي والد پرويز علي وساڻ ۽ امڙ خرشيد وساڻ خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته،جرڳي بابت ميڊيا تي هلايل خبرن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناهي، جيڪڏهن ڪير اسان جو ساٿ نه ٿو ڏئي ته اجائي واويلا به نه ڪئي وڃي. ڪنب ڀرسان گهر ڀاتين آڏو بيدردي سان قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جي والد پرويز وساڻ، امڙ خورشيده وساڻ خيرپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، رمشا وساڻ جي حوالي سان جرڳي بابت ميڊيا تي آيل خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن، جيڪڏهن ڪو اسان جو ساٿ نه ٿو ڏئي سگهي ته ته گهٽ ۾ گهٽ اجائي واويلا به نه ڪئي وڃي. هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي ذوالفقار عرف زلو وساڻ سان گڏ اظهار وساڻ، رياض وساڻ ۽ عمران وساڻ به قتل ڪيو، اُهي به قتل ڪيس ۾ جوابدار آهن، هنن چيو ته پوليس اظهار ۽ رياض وساڻ کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جنهن سبب اسان کي پنهنجي جانين جو خطرو آهي ۽ اسان محفوظ ناهيون، اسان اهڙو بيان عدالت ۾ به جمع ڪرايو آهي.

رمشا جي والدين چيو ته جوابدار اظهار وساڻ جو والد پاڻ پوليس اهلڪار آهي، جيڪو جرڳي جي حوالي سان ميڊيا تي ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي. پرويز وساڻ ۽ خورشيده وساڻ چيو ته اظهار وساڻ جو والد پنهنجي پٽ سميت ٻين جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ڪوڙا بهتان هڻي رهيو آهي. رمشا جي والدين جو چوڻ هو ته پوليس عدالت ۾ 164 تحت ڏنل بيان کي ڪيس جو حصو نٿي بڻائي، جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس جوابدارن کي رعايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پرويز وساڻ ۽ خورشيد وساڻ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اظهار وساڻ رمشا سان شادي ڪرڻ پئي چاهيو، رشتو نه ڏيڻ تان اظهار وساڻ جوابدارن سان گڏجي رمشان وساڻ کي اغوا بعد قتل ڪرايو. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس جي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته سندن سهولتڪار جنسار ميمڻ ۽ ٻين خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. رمشا وساڻ جي والدين اعليٰ اختيارين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *