Friday , March 29 2024

نون ليگ صوبن کي حق ڏيڻ بدران مليل اختيار واپس وٺڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي

Oil & Gas 03Shahid khakan abassi 02

پاڪستان مسلم ليگ نون جي وفاقي حڪومت صوبن کي مليل اختيار مڪمل طور منتقل ڪرڻ بدران آئين ۾ مليل اهم اختيار به واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نون ليگ جي وفاقي سرڪار تيل ۽ گئس تان صوبن جو اختيار ختم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پئي آهي. نون ليگ جحڪومت جي اهڙي ڪوشش تي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومتن پنهنجا خدشا ظاهر ڪري ڪيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو وزيراعظم تي زور آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي هن معاملي تي قانون سازي ڪئي وڃي، بلوچستان سرڪار به وفاقي حڪومت جي حمايت ۾ بيهجي وئي آهي.

PML NShabaz & Nawaz

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گئس جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ ريگيوليٽر اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ حڪومت پاران ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا، سرگرمين ۽ مارڪيٽنگ ۾ صوبن جو ڪردار ختم ڪرڻ ۽ هڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي سمري پيش ڪئي وئي، ذريعن مطابق اٿارٽي جي چيئرمين تحت سمورا ميمبر وفاق جا هوندا، صوبن کان رڳو رايا ورتا ويندا، حتمي فيصلو اٿارٽي جو هوندو، جڏهن ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي حڪومتي تجويز رد ڪندي وفاق جو اهڙو رول قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيڪا به ريگيولر باڊي ٺاهيو ته ان ۾ صوبن جي نمائندگي ضروري هجڻ گهرجي ۽ پاليسي واري عمل ۾ صوبن سان مشاورت ڪئي وڃي.

Oil & Gas 04 Oil & Gas 01

ٻي طرف سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب، نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف  ان سلسلي ۾ جلد کان جلد قانون سازي ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *