Friday , April 19 2024

نون ليگ احتساب عدالت جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

لاهور ( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ نوازشريف خلاف ٻڌايل احتساب عدالت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، شهباز شريف چيو آهي ته اڄوڪو فيصلو زيادتي تي ٻڌل آهي، اهڙي فيصلي کي تاريخ جي ڪارن اکرن ۾ لکيو ويندو. احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته احتساب عدالت جو فيصلو زيادتي ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قانوني خاميون آهن. پاڪستان جو عوام ۽ نون ليگ اهڙي فيصلي کي رد ڪري ٿي،  اهڙي فيصلي کي تاريخ جي ڪارن اکرن ۾ لکيو ويندو. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت ۾ ڪي به پڪا ثبوت پيش نه ڪيا ويا هئا، پاناما، ايون فليڊ ۽ آفشور ڪمپنين ۾ نوازشريف جو نالو نه آهي. ن ليگ پنجاب جي صدر چيو ته سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته نوازشريف  عالمي دٻاءُ باوجود پاڪستان کي ايٽمي طاقتور بڻايو . پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اڄ قوم جي ان سپوت کي سزا ٻڌائي وئي آهي جنهن ملڪ جي خدمت ڪئي، روڊن جو ڄار وڇايو ۽ ملڪ کي ترقي يافته بڻايو. سندس چوڻ هو ته انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ نواز شريف 109 ڀيرا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ڪا به مثال نه ٿي ملي. نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته هو پاڪستان جي هر ڪنڊ ۾ وڃي هن زيادتي ۽ ناانصافي بابت عوام کي آگاهه ڪندو، 25 جولاءِ تي فجر نماز کانپوءِ عوام صحيح معنيٰءِ ۾ منهنجي گواهي ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *