Friday , March 29 2024

نوشهروفيرزو شهر کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ قائم واٽرسپلاءِ اسڪيم 38 سالن کان ناڪارا بڻيل

نوشهرروفيرو:واٽرڪميشن جو سربراهه جسٽس(ر) اميرهاني مسلم رات جوپاڻي منصوبن جو معائنو ڪندي

نوشهروفيروز( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) نوشهرو فيروز شهر کي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل واٽر سپلاءِ جي ٽئنڪي ۽ پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ وڇايل پائيپ لائين 38 سالن کان ناڪارا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف، سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين، جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي نوشهرو فيروز جي دوري دوران ٿيو آهي. عوامي شڪايتن تي امير هاني مسلم نوشهري فيروز پهچي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارن مختلف منصوبن جو دورو ڪيو. ان دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته نوشهرو فيروز ۾ 45 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل مختلف اسڪيمز به ناڪارا ۽ عوام لاءِ بي فائدي بڻيل آهن.

واٽر ڪميشن چيئرمين کي شهرين ٻڌايو ته پيئڻ جو پاڻي روهڙي ڪئنال کان آڻجي ٿو، 1980 کان شهرين کي هڪ ڦڙو پاڻي نه مليو آهي، شهر کي روزانو 50 هزار گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، زمين ۾ لائينون وڇايل ناهن، شهرين پاران اهڙي ڄاڻ ڏيڻ تي واٽر ڪميشن جو چيئرمين حيران ٿي ويو. نوشهري فيروز ۾ ٺهيل وڏي واٽر ٽينڪ جي دوري دوران واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم کي ٻڌايو ويو ته هي اسڪيم 1980 جي جڙيل آهي ۽ زمين ۾ وڇايل لائينون بيڪار ۽ ختم ٿي ويون آهن جڏهن ته شهرين کي 1980 کان وٺي هڪ ڦڙو به واٽر سپلاءِ اسڪيم تحت پاڻي نه ڏنو ويو آهي. شهر جو پاڻي 800 کان 1100 ٽي ڊي ايس تائين پهتل آهي جيڪو مڪمل طور صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ شهري پيئڻ لاءِ پاڻي 4 ڪلوميٽر پري روهڙي ڪئنال تان کڻي اچن ٿا. شهرين پاران انجنيئر نور احمد جلباڻي ۽ سندس ٽيم جي ڪيل زيادتين خلاف واٽر ڪميشن جي چيئرمين کي لکت ۾ درخواستون ۽ اڳوڻو رڪارڊ پڻ ڏنو ويو. رڪارڊ مطابق واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم 16 فيبروري تي پبلڪ هيلٿ انجنيئر نور احمد جلباڻي، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز پير خالد ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ کي ڪراچي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

نوشهروفيروز:واٽرڪميشڻ جو سربراهه شهرين سان گڏ رات جي وقت ناڪارا بڻيل پاڻي منصوبن جو دورو ڪندي(سنڌسماءَچار)

واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي دوري دوران پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي سميت لاڳاپيل ادارن جي ڪامورن کي مختلف اسڪيمز بابت بريفنگ ڏني. ان دوران ضلعي اندر جڙيل 21 ڪروڙ ۽ 24 ڪروڙ جي الڳ الڳ لاڳت سان ٺهيل اسڪيمن من عوام کي فائدو نه ملڻ ۽ انهن جي غلط منصوبابندي، مالي بيضابطگين ۽ مبينا ڪرپشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آفيسرز کي ڇنڊ پٽي. اڻ مڪمل ڪم کي انجنيئر نور احمد جلباڻي جي نااهلي سبب آڪسيڊيشن پانڊس/تلائن جي غلط منصوبابندي سبب 2 ڪلوميٽر پوئتي سرهل مائينر جي مٿان مين رائيزنگ وال رکي پاڻي سرهل مائينر ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري واري نظام جو معائنو ڪندي، امير هاني مسلم حيراني وچان ڏسندو رهيو. لاڳاپيل عملدار کان مختلف سوال ڪيا ته پبلڪ هيلٿ جي سرويئر منظور ٻوهيو ٻڌايو ته،  ان اسڪيم جي اڻ مڪمل هجڻ ۽ ٻين اسڪيمن جي تباهي جو ذميوار اڳوڻي انجنيئر عمر سيال کي قرار ڏنو، جنهن تي اتي موجود ماڻهن واٽر ڪميشن جي سربراهه کي ٻڌايو ته عمرسيال صرف 2 مهينا انجنيئر هو، هي سڄي بدانتظامي ۽ لاپرواهي سبب ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ جو ذميوار عمر سيال ناهي.

ان موقعي تي نوشهروفيروز جو سماجي ڪارڪن عبدالقدير ميمڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن مختلف منصوبن جو مڪمل رڪارڊ ساڻ ڪري؛ واٽر ڪميشن جي سربراهه امير هاني مسلم وٽ پهتو. عبدالقدير ميمڻ کيس سرڪاري رڪارڊ مطابق ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته؛  اها اسڪيم 2011ع ۾ سنڌ حڪومت  پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت شروع ٿي ۽ ان ئي سال مڪمل ٿيڻي هئي. ان اسڪيم ۾ پبلڪ هيلٿ آفيس سان گڏيل ڊرينج اسڪيم هڪ لاءِ 3 مشينون لڳائڻ جو به منصوبو شامل هو. ان لاءِ لائين وڇائي مين رائيزنگ وال ٺاهڻي هئي. ان سان گڏوگڏ اهڙو ئي مين رائيزنگ وال سنڌ ڪالوني واري اسڪيم تان لائين وڇائڻ ۽ بحريه ڪاليج وٽ ٺهيل آڪسيڊيشن پانڊس/تلائن تائين پهچائڻو هو. واٽر ڪميشن جي سربراهه کي ٻڌايو ويو ته، بحريه ڪاليج وٽ ٺهيل آڪسيڊيشن پانڊس/تلائن ۾ پاڻي فلٽريشن جو پروسيس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهو پاڻي رهنوڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻو هو. جيڪو جوڙيل منصوبي تحت ڪرڻ بردان تڏهوڪي انجنيئر نور احمد جلباڻي سمورو منصوبو ڊزائين کان هٽي اها لائن آڪسيڊيشن پانڊس/تلائن تائين وٺي وڃڻ ۽ مشينري لڳائي فلٽريشن ڪرائڻ وارو ڪم مڪمل ڪرڻ بجاءِ مين رائيزنگ وال سرهل مائينر تي هڻي گندو پاڻي شاخ ۾ نيڪال ڪري سڄي شاخ گندي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *