Friday , March 29 2024

نوري آباد ويجهو ويگن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 8 ڄڻا فوت

حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوري آباد ڀرسان ڪراچي کان نوشهروفيروز ويندڙ مسافر ويگن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال داخل ڪيو ويو.

ڪراچي کان نوشهرو فيروز ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري دوران اوورٽيڪ ڪندي ٽرالرل سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي 6 ڄڻن جا لاش ۽ 7 زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين مان وڌيڪ 2 مسافر اسپتال نيئندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو. زخمي مسافرن جو چوڻ آهي ته ويگن هڪ ٽرالر کي اوورٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڊرائيور جي ڪنٽرول مان مڪري ٽرلر سان ٽڪرائجي وئي. فوتين ۾ 3 عورتون به شامل آهن ۽ سمورن ماڻهن جو واسطو ن وشهرو فيروز ۽ نوابشاهه سان ٻڌايو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *