Friday , April 19 2024

نورين لغاري مامرو اڃا الجهيل، نورين داعش ۾ شامل ٿي دهشتگرد علي طارق سان پرڻو ڪيو: ذريعا _ نورين جي گرفتاري جي ڪنهن اداري تصديق ناهي ڪئي:نورين جو ڀاءُ

Nooreen laghari1

نورين لغاري مامرو اڃا الجهيل، نورين داعش ۾ شامل ٿي دهشتگرد علي طارق سان پرڻو ڪيو: ذريعا

نورين جي گرفتاري جي ڪنهن اداري تصديق ناهي ڪئي:نورين جو ڀاءُ

لاهور ۾ ڇاپي دوران گرفتار ٿيل ناري بابت پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته اها حيدرآباد واسڻ نورين لغاري آهي، جنهن جو پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق آهي، نورين لغاري جي ڀاءُ افضل لغاري جو چوڻ آهي ته کين ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي آهي ڪنهن به آفيشل کين نورين بابت آگاهي نه ڏني آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نورين جو والد لاهور روانو ٿي ويو آهي.

پنجاب سوسائٽيءَ واري علائقي ۾ گذريل رات پوليس ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو هو ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن جي نشاندهيءَ تي پوليس هڪ ناريءَ کي حراست ۾ ورتو هو.

حراست ۾ ورتل ناريءَ بابت پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته اها نورين لغاري ئي آهي،جيڪا اڍائي مهينا اڳ حيدرآباد مان پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي.

نورين لغاري لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي آهي، جيڪا 10 فيبروري تي پنهنجي گهران يونيورسٽي رواني ٿي ۽  واپس گهر نه آئي.

Nooreen laghari3

ٻئي طرف شاگردياڻي نورين جي ڀاءُ افضل لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀيڻ نورين جي هٿ اچڻ واري خبر کين ميڊيا ذريعي پئي آهي، لاهور مان ڪنهن اداري ۽ پوليس وارن کين نورين جي بازيابي بابت اطلاع ناهي ڏنو

ٻئي طرف ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نورين لغاري جو والد  ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري لاهور روانو  ٿي ويو آهي جڏهن ته، سندن موبائل نمبر بند ملي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *