Friday , March 29 2024

نواز شريف ۽ مريم نواز کي وطن پهچڻ شرط ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) قومي احتساب بيورو نواز شريف ۽ مريم نواز کي وطن واپس ايندي ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف ۽ مريم نواز کي هوائي اڏي تان ئي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ ڪي پي پوليس سان رابطو ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ احتساب عدالت مان وارنٽ حاصل ڪيا ويندا جنهن بعد سندس گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ نيب ايون فيلڊ فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي حاصل ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته احتساب عدالت اڄ ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي سخت پورهئي سان 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *