Friday , March 29 2024

نواز شريف پارٽي جي سربراهي لاءِ به نااهل ٿي ويو، سينيٽ چونڊون رولڙي جي ورچڙهڻ جو خدشو

سلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن واري ايڪٽ ڪيس ۾ ن ليگ جي سربراهه نواز شريف کي پارٽي عهدو/سربراهه لاءِ به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته،جيڪو شخص آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿو لهي اُهو شخص ڪو به عوامي عهدو/چونڊيل نمائندو نه ٿو رکي ۽ اهڙو شخص ڪنهن به پارٽي جو سربراهه يا ڪو ٻيو عهدو به نه ٿو رکي سگهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل 5 صفحن وارو فيلو جيڪو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار لکيو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته، نواز شريف سپريم ڪورٽ جي 28 هين جولاءِ واري عوامي عهدو رکڻ لاءِ نااهلي فيصلي کانپوءِ جيڪي به فيصلا ڪيا آهن اُهي به ڪالعدم ٿي ويا آهن.  سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل 5 صفحن واري هن مختصر فيصلي مطابق ايندڙ مارچ مهيني جي 3 تاريخ تي رٿيل سينيٽ آف پاڪستان جون چونڊون به ڪالعدم ٿي ويون آهن، ڇو ته ان لاءِ ن ليگ جي اميدوارن کي جيڪي پارٽي جون ٽڪيٽس جاري ڪيون ويون آهن اُهي به نواز شريف جي صحيح سان جاري ڪيون ويون هيون. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، آئين جي آرٽيڪل 17 مطابق سياسي پارٽي/جماعت ٺاهڻ جو بنيادي حق آهي، جيئن ان آرٽيڪل مطابق آئين ۾ موجود آهي ۽ ان لاءِ ان ئي آرٽيڪل ۾ آئيني ۽ قانوني شرط پڻ موجود آهن.

سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ جي شق 203 آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 سان گڏ ڪري پڙهيو وڃي. آرٽيڪل 62 ۽ 63؛ جيڪو پارليامينٽ جي ڪنهن به ميمبر لاءِ صادق ۽ امين هجڻ بابت آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، جيڪو شخص آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو لهي نه هٿو ته پوءِ اُهو/اهڙو شخص ڪنهن پارٽي جو سربراهه ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

ياد رهي ته، گذريل سال جولاءِ جي 28 هين تاريخ تي، پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو، جنهن فيصسلي تحت ئي نواز شريف وزيراعظم جي عهدي سان گڏو گڏ ن ليگ جي صدارت به ڇڏڻي پئجي وئي هئي. اهڙي فيصلي ۽ وزارت عظميٰ سميت پارٽي سربراهي ڇڏڻ کانپوءِ ن ليگ پارليامينٽ مان چونڊ سڌارن بابت آئيني ترميم ڪئي وئي هئي، جنهن مطابق ڪو به نااهل شخص وري پارٽي جي سربراهه لاءِ اهل قرار ڏنو ويو هو. جنهن  کانپوءِ ئي نواز شريف ٻيهر ن ليگ جو سربراهه چونڊيو ويو هو. چونڊ سڌارن واري ان ايڪٽ/ترميم کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *