Friday , April 19 2024

نواز شريف استعيفا ڏئي ڇڏي، نواز کان جاچ پي ايم هائوس ۾ ٿيندي يا ٿاڻي ۾…؟؟: آصف زرداري _ جي آءِ ٽي ٺاهڻ وزيراعظم کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ برابر آهي: اعتزاز احسن

zardare

اڳوڻي صدر آصف زرداري پاناما فيصلي جي مذمت ۽ نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو  ڪندي چيو آهي ته اسان کي خبر هئي ته عدالت مان نواز شريف خلاف فيصلو نه ايندو، وزير اعظم کي  عمران خان ئي  بچايو آهي.

اسلام آباد ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته جيڪو ڪم اعليٰ عدليا نه ڪري سگهي آهي اهو ڪم جونيئر آفيسر ڪيئن ڪري سگهندا، ٻڌايو وڃي ته 19 هين گريڊ جو آفيسر نوازشريف جو بيان ٿاڻي تي رڪارڊ ڪندو يا پي ايم هائوس ويندو. آصف زرداري چيو ته عمران خان قوم سان ڊرامو ڪيو، ان کي سپريم ڪورٽ وڃڻ کان روڪيو هو ۽ ان ئي وزير اعظم کي بچايو آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته  نواز ليگ اڳواڻن کي مٺائي ورهائڻ تي شرم اچڻ گهرجي، پاناما ڪيس ۾ 9 مهينن کان قوم سان مذاق ڪيو ويو، اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انصاف کي نقصان پهتو آهي.

 آصف زرداري چيو ته عوام جو ردعمل ۽ ٻين پارٽين جي حڪمت عملي ڏسي اتحاد بابت فيصلو ڪبو، ملڪ نواز شريف جي هٿ ۾ محفوظ ناهي ته عمران خان جي هٿ ۾ به محفوظ نه هوندو.

آصف زرداري چيو ته اڄ دنيا کي خبر پئجي وئي ته نواز شريف، شريف ناهي، جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي ويو آهي.

آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن اعتزاز عدالت ۾ دليل ڏئي ها ته اڄ  ماحول ڪجهه ٻيو ٻيو هجي ها، نواز شريف کي بچائڻ ۾ عمران خان جو وڏو هٿ آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ وڃڻ کان روڪيو هو.

آصف زرداري پاناما بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته ججن جي شخصيت يا چمڪ جي باري ۾ ڪجهه  نه چوندس،پ پ ۽ قوم کي ڪڏهن به عدالتن مان انصاف نه مليو آهي.

آصف زرداري چيو ته مون کي خبر آهي ته نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو ۽  يوسف رضا گيلاني کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو  نواز شريف ڏنو هو.

جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي وزيراعظم کي ڀڄڻ جو رستو ڏنو ويو آهي:اعتزاز احسن

Aitizaz Ahsan 1

ناليواري قانوندان ۽ پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي وزيراعظم کي ڀڄڻ جو رستو ڏنو ويو آهي.

پاناما ڪيس جي فيصلي مان نظرئي ضرورت جي بوءِ اچي پئي، فيصلي سان عدليا جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي مايوسي ٿي آهي، نواز شريف خلاف فيصلو نه اچڻ جي روايت کي برقرار رکيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي وزيراعظم کي ڀڄڻ جو رستو ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته  ٽن ججن جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، فيصلي مان نظرئي ضرورت جي بوءِ اچي پئي، فيصلي سان عدليا جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي مايوسي ٿي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته نواز شريف خلاف فيصلو نه اچڻ جي روايت کي برقرار رکيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ 93ع کان وٺي نواز شريف تي هلڪو هٿ رکي پئي.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ 1993 ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ لاٿيل نوازشريف کي وزيراعظم جي عهدي تي بحال ڪيو. اعتزاز احسن چيو ته ٽيپ اسڪينڊل تي ججن کي هٽايو ويو، پر نواز شريف خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *