Friday , April 26 2024

نواز شريف فليگ شپ ريفرنس مان آجو قرار، العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ 7 سال قيد

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف کي فليگ شپ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏيڍ ارب رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ جاري ڪيا ويا، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جا پڪا ثبوت موجود آهن، نوازشريف مني ٽريل به جمع نه ڪرايو، فليگ شپ ريفرنس ڪيس نه پيو ٺهي، تنهنڪري نوازشريف کي بري ڪيو.  اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو.  احتساب عدالت فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ۽ ڏيڍ ارب رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت طرفان نواز شريف کي فليگ شپ ريفرنس مان باعزت آجو ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته نوازشريف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ مني ٽريل جمع نه ڪرائي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته العزيزيه اسٽيل ملز ريفرس جا پڪا ثبوت موجود آهن، جنهن سبب نوازشريف کي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي فيصلي موجب، فليگ شپ ريفرنس ڪيس نه پيو ٺهي، جنهن سبب نوازشريف کي بري ڪيو ويو. عدالتي فيصلي کانپوءِ نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.  عدالت نوازشريف جي پٽ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ به جاري ڪيا.  نواز شريف خلاف فيصلي جي موقعي تي  مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ به احتساب عدالت ٻاهران موجود هو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *