Tuesday , April 16 2024

نواز شريف جي بيان جي ڀارتي ميڊيا غلط تشريح ڪئي: ن ليگ جي ترجمان جي وضاحت

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز شريف جي بيان تي پارٽي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي انٽرويو جي ڀارتي ميڊيا غلط تشريح ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي انٽرويو کانپوءِ ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ پيدا ٿيل ٻڙڌڪ کانپوءِ آخر ڪار سڄو ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ رات دير سان ن ليگ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ن ليگ ترجمان جو چوڻ آهي ته نواپاران ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، نواز شريف جي انٽرويو جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي قومي سلامتي جي تحفظ بابت ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. ن ليگ ترجمان موجب نواز شريف جي بيان کي ڀارتي ميڊيا غلط انداز ۾ پيش ڪيو، بدقسمتي سان پاڪستاني ميڊيا به ارادي يا غير ارادي طور ڀارتي خبرن کي موٽ ڏيندي اجائي واويلا کي هٿي ڏني پئي وڃي. ن ليگ ملڪ جي مشهور سياسي پارٽي آهي، نواز شريف وزيراعظم هوندي سمورا دٻاءَ رد ڪري ڇڏيا ۽ قومي سلامتي بابت اهم توڙي ڏکيا فيصلا ڪيا، انهن ئي ڏکين فيصلن جي ڪري پاڪستان هڪ ايٽمي قوت بڻيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *