Saturday , April 20 2024

نواز شريف اڊيالا جيل ۾ آصف زرداري جو انتظار ڪري رهيو آهي: عمران خان

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) عمران خان چيو آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ڀٽو ۽ بينظير جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪئي، پيپلزپارٽي وارا ماڻهن کي ڊيڄاري ووٽ وٺن ٿا پر 25 جولاءِ تي سنڌ جا ماڻهو اسان کي  ۽ اسان جي اتحادين کي ڪامياب ڪندا. جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ، نواز شريف اڊيالا جيل ۾ آصف زرداري جو انتظار ڪري رهيو آهي، شهباز شريف به جلد اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ان گڏ هوندو. عمران خان چيو ته سنڌ ۾ 10 سال پ پ جي حڪومت هئي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن به سنڌ ۾ ٿي آهي، پ پ وارا عوام جو پئسو چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا.جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پ پ ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان عوام کي ڦريو، جيڪا ڦرلٽ سنڌ ۾ ٿي، اها ڪنهن به صوبي ۾ ناهي ٿي، پ پ 10 ورهين کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ سنڌ جو پئسو چوري ڪيو، پ پ وارا سنڌ جو پئسو ڦري ٻاهر کڻي ويندا آهن. هن چيو ته سنڌ جي 75 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، آصف زرداري چونڊ مهم نه پيو هلائي، جيڪڏهن هو ٻاهر نڪتو ته کيس گهٽ ووٽ ملندا، اهي رڳو ماني، ڪپڙي ۽ اجهي جو گوڙ ڪندا آهن. 25 جولاءِ تي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندو. سندس چوڻ هو ته پ پ عوام کي ڊيڄارڻ لاءِ پوليس ۽ غنڊن جو استعمال ڪندي آهي. عمران خان آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي مخطاب ٿيندي چيو ته، آصف زرداري-شهباز شريف! ٻڌي ڇڏيو رڳو 8 ڏينهن وڃي بچيا آهن، اڊيالا جيل هاڻ توهان جو ۽ شهباز شريف جو انتظار ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي ۽ صحت جهڙين سهولتن کان محروم آهن، پ پ هارين کي سزا ڏيڻ لاءِ انهن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، 22 جولاءِ تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪنداسين، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪندا.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سنڌ ۾ پ پ وارن عوام جو تعليم، صحت ۽ پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو آهي، هن ڀيري سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پ پ وارن کي ووٽ نه ڏيندو. سنڌ ۾ 75 سيڪڙو ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پ پ وارن هميشه سنڌ واسين کي ڊيڄاري ووٽ ورتا آهن پر هاڻي ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *