Friday , April 19 2024

نواز شريف، مريم ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزا معطل،ضمانت تي آزاد ٿي گهر پهچي ويا

اسلام آباد/لاهور( رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ايون فيلڊ فليٽس ڪيس ۾ آيل سزا معطل ٿيڻ کانپوءِ اڳواڻو وزيراعظم نواز شريف، ڌيءُ ۽ ناٺي سميت آزاد ٿي جاتي امراءَ پهچي ويا، سخت سيڪيورٽي ۾ آزادي کانپوءِ لاهور کان جاتي امراءَ سوين ڪارڪنن جي قافلي ۾ نواز شريف گهر پهچي ويو آهي.اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف ، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر آزادي ملڻ کانپوءِ خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد کان لاهور ايئرپورٽ پهتا جتان کان گاڏين جي قافلي ۾ جاتي امراءَ پهتا، نواز شريف سڀ کان پهريان پنهنجي امڙ سان مليو ته ٻئي لڙڪ روڪي نه سگهيا. لاهور پهچڻ تي نوازشريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جو ليگي ڪارڪنن پاران شاندار آڌرڀاءَ ڪيو ويو. ليگي ڪارڪنن نوازشريف جي گاڏي تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ زوردار نعرا هنيا.

ان موقعي تي ايئرپورٽ ٻاهران اسپيشل ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي هوائي اڏي اندر وڃڻ نه ڏنو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ شريف خاندان جي ٽنهي اهم ڀاتين کي اڊيالا جيل مان  آزاد ڪيو ويو. نوازشريف، مريم۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر  کي گاڏين جي قافلي ۾ نور خان ايئرپورٽ نيو  ويو. ان موقعي تي ن ليگ ڪارڪنن پاران نوازشريف جي گاڏي تي گلن جي ورکا ڪئي وئي،ڪارڪنن نوازشريف جي حق ۾ شديد نعريبازي ڪئي. اسلام آباد هائي ڪورٽ پاران سزا جي معطلي ۽ آزادي جو فيصلو ٻڌائڻ  کانپوءِ  ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي ملاقات دوران اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف اڊيالا جيل ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن ڪوبه غلط ڪم نه ڪيو آهي ۽ هن جو ضمير مطمئن هو.

اسلام آباد هائي ڪورٽ جي فيصلي  کانپوءِ اڊيالا جيل ۾ نوازشريف سان شهباز شريف ۽ ن ليگي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نوازشريف ڳالهائيندي چيو ته مون ڪوبه غلط ڪم نه ڪيو، منهنجو ضمير مطمئن هو. نوازشريف چيو ته الله تعاليٰ حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيندو آهي، الله مون کي انصاف ڏيندو. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطل ڪندي ٽنهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شهبازشريف 5-5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله  ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اطهر من الله محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن محمد صفدر کي احتساب عدالت طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ٻڌايل سزا معطل ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *