Thursday , April 25 2024

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو پس منظر

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاناما پيپرز ۾ دنيا جي اهم شخصيتن سميت پاڪستان جي تڏهوڪي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي سربراهه نواز  شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ناٺي ڪئپٽن صفدر، پٽن حسن ۽ حسين نواز جي سڌي ۽ اڻسڌي طرح مختلف آفشور ڪمپنين جي ذريعي لنڊن ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو هو، جنهن بعد معاملي بابت سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيو ويون هيون، جنهن متعلق سپريم ڪورٽ هڪ گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي ) جوڙي مسئلي جي جاچ پڙتال ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جي آءِ ٽي جي ڪيل جاچ پڙتال جي روشني ۾ سپريم ڪورٽ 28 هين جولاءِ 2017 تي تڏهوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف کي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو، جنهن  بعد ميان نواز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ اليڪشن ڪميشن سندس قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيٽ ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ جي 28 هين جولاءِ واري فيصلي جي روشني ۾ عدالت نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، پٽن حسن نواز، حسين نواز ۽ نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدرخلاف ريفرنسز داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت ريفرنس داخل ڪرڻ سان گڏ اها به هدايت ڪئي هئي ته ريفرنس جو فيصلو 6 مهينن اندر ٻڌايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي حڪم کانپوءِ قومي احتساب بيورو(نيب) 8 سيپٽمبر 2017 تيهڪ عارضي ريفرنس داخل ڪري اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ جمع ڪرايو. اهو ريفرنس ايون فيلڊس ريفرنس جي نالي سان مشهور ٿيو آهي. ان عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس تي باقائدگي سان ڪارروائي شروع ڪئي وئي. احتساب عدالت ۾ مختلف وقتن تي ٻڌڻين دوران نواز شريف، مريم نواز، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا، جڏهن ته نواز شريف لاڳيتو 78 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿيو. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي ۽ نااهل ٿيل وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر، حسن ۽ حسين نواز جوابدار طور نامزد ٿيل هئا. انهن مان نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين نواز عدالت ۾ پيش نه ٿيا. غير حاضرين جي ڪارڻ احتساب عدالت  ٻنهي ڄڻن کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو.

ايون فيلڊس رفيفرنس ۾ مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر تي احتساب عدالت پاران 19 هين آڪٽوبر 2017 تي سڌو فرد جرم داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته نواز شريف جي غير موجودگي جي بنياد تي سندس نمائندي ظافر خان جي معرفت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. جنهن کانپوءِ نواز شريف 26 هين سيپٽمبر 2017 تي پهريون ڀيرو احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو هو.

احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊس ريفرنس ڪيس جي شنوائين دوران، مريم نواز 9 آڪٽوبر 2017 تي عدالت آڏو پيش ٿي، ان دوران ئي مريم نواز جي مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي اسلام آباد ۾ ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. احتساب عدالت 26 آڪٽوبر تي نواز شريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا، جنهن بعد 3 نومبر تي نواز شريف، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر پهريون ڀيرو گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا هئا. ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ نواز شريف خلاف 8 نومبر تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.

سپريم ڪورٽ پاران ريفرنس جو فيصلو 6 مهينن اندر ٻڌائڻ واري حڪم جو مدو 6 هين مارچ 2018 تي پورو ٿي ويو هو، جنهن بعد احتساب عدالت پاران مدو وڌائڻ جي سپريم ڪورٽ خط لکيو ويو هو، جنهن تي سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي وڌيڪ ٻن مهينن جو وقت ڏنو هو.  سپريم ڪورٽ پاران ٻن مهينن وارو مدو وڌائڻ کانپوءِ به ايون فيلڊس ريفرنس ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿي سگهيو ته احتساب عدالت جي درخواست تي سپتيم ڪورٽ ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ 9 جون ۽ ان بعد وري هڪ وڌيڪ درخواست تي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي هئي. 10 جون تي سپريم ڪورٽ پاران ايون فيلڊس ريفرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ ڪندي هر صورت ۾ ڪارروائي کي مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي.

ايون فيلڊس رفيفرنس جي جوابدارن نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر پاران احتساب عدالت جي ڪارروائي ۾ مبينا طور تي رڪاوٽ وجهڻ لاءِ هڪ نئون بهانو ڳولي ورتو ۽ انهن وڪيل خواجا حارث ڪيس کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. خواجا حارث 11 هين جون تي ڪيس کان ڌار ٿيڻ واري درخواست بعد جهانگير جدون نواز شريف جي  وڪيل طور پنهنجو وڪالت نامو احتساب عدالت اسلام آباد ۾ جمع ڪرايو. پر 19 جون تي خواجا حارث پنهنجي درخواست واپس وٺي ڪيس جي ٻيهر پيروي ڪرڻ پنهنجي درخواست وپس وٺندي ڪيس جي پيروي شروع ڪئي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مجموعي طور تي 19شاهدن پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا، جنهن ۾ جوابدارن ۽ سرڪار جا شاهد به شامل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *