Friday , March 29 2024

نواز سرڪار جو عوام لاءِ هڪ ٻيو تحفو، پيٽرول هڪ رپيو77 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت پئٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جن تي اڄ کان عمل لاڳو ٿي ويو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي سطح تي پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب اگهه ۾واڌ ڪئي وئي آهي.

وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويز کي مڃيندي پئٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن تحت پئٽرول في ليٽر هڪ رپيو 77 پئسه  جنهن جي نئين قيمت 68 رپيا چار پئسه ٿي ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اوگرا جي تجويز تي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر وڌائي وئي آهي.

هن چيو ته عالمي سطح تي پئٽروليم شين جا اگهه اڳتي وڌي رهيا آهن، جنهن سبب پئٽروليم جا اگهه وڌائڻ تي مجبور آهن.

وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پئٽروليم شين جا اگهه اڄ رات 16 جنوري کان 31  جنوريءَ تائين لاڳو ڪيا ويندا.

ٻي طرف پ پ سينيٽر سعيد غني پئٽروليم اگهن جي واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته ان سان مهانگائي جو طوفان ايندو ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف پارليامنٽ ۾ آواز اٿارينداسين.

وفاقي حڪومت پاران پئٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ کي  پ پ سينيٽر سعيد غني رد ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پئٽروليم جي نون اگهن سان مهانگائي جو طوفان ايندو، حڪومت جو اهڙو قدم عوام سان ظلم آهي.

سندس چوڻ هو ته،پئٽروليم شين جي نون  اگهن خلاف پارليامنٽ آواز اٿارينداسين ۽حڪومت  جي اهڙي قدم کي نِنديو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *