Friday , March 29 2024

نوازليگ لاءِ خوشخبري! حنيف عباسي جي عمرقيد جي سزا معطل، ضمانت منظور

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ايفيڊرين (منشيات) ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ نون ليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حنيف عباسي جي سا خلاف ۽ ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت حنيف عباسي جي درخواست ۾ ضمانت واري عرضي قبول ڪندي منظور ڪندي کيس ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ سزا نه هجڻ جي صورت ۾ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. حنيف عباسي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ منشيات جي خاتمي واري عدالت ايفيڊرين ڪيس ۾ درخواستگذار حنيف عباسي موقف اختياار ڪيو هو ته، کيس ماتحت عدالت پاران عمر قيد جي سزا ڏني وئي جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۽ الزامن ۾ نامزد ڪيل ٻين جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو هو. هن عدالت کي درخواست ڪئي ته کيس آيل سزا ڪالعدم قرار ڏني، جيستائين هن درخواست تي فيصلو اچي ايستائين کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. لاهگور هاءِ ڪورٽ حنيف عباسي جي 500 ڪلوگرام ايفيڊرين (منشيات) ڪيس ۾ ماتحت عدالت پاران مليل سزا ڪالعدم قراقر ڏيندي سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *