Friday , March 29 2024

نوابشاهه ۾ ارڙي جي وئڪسين لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا، 7 ٻارڙا زندگي موت جي ٻه واٽي تي بيٺل

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) نوابشاهه ۾ ارڙيءَ کان بچاءَ واري وئڪسين لڳڻ بعد بيهوش ٿي ويل 10 ٻارڙن مان 3 ٻار فوت ٿي ويا، ٽن ٻارڙن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي، لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعي بعد صحت کاتي نوابشاهه ۾ ارڙي کان بچاءِ جي وئڪسين واري مهم ملتوي ڪري ڇڏي، خانپور، ڪوٽڙي، ميرپور بٺورو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ سوين ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ ورتل.

نوابشاهه جي سعيد آباد پاڙي ۾ ارڙي جي مرض کان بچاءَ واري وئڪسين لڳائڻ واري پروگرام جي پهرين ڏينهن تي جيئن ٻارڙن کي ليڊي هيلٿ ورڪر وئڪسين ڏيڻ شروع ڪيا ته ڪجهه دير کانپوءِ ٻارڙن جي طبعيت خراب ٿيڻ لڳي. ٻارڙان جي حالت خراب ٿيڻ تي فوري طور تي کي نوابشاهه سول آسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، سمورن ٻارڙن کي طبي امداد ڏئي داخل ڪيو ويو. اسپتال ۾ علاج دوران ڪجهه دير بعد 3 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. ٽئي ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ باقي 7 ٻارڙن کي فوري طور تي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتگقل ڪيل ٻارڙن کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.

صحت کاتي ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعي بعد نوابشاهه ضلعي ۾ ارڙي کان بچاءَ جي وئڪسين واري مهم ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي پاسي پوليس ٻارڙن کي ويڪسين لڳائيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر شميم راهو جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو پر هوءَ گهر ڀاتين سوڌو فرار ٿي وئي آهي. نوابشاهه ۾ فوتي ٻارڙن جي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙ وارثن چيو ته سندن ٻارڙن کي علائقي جي ليڊي هيلٿ ورڪر ٽُڪا هڻڻ آئي، جنهن وٽ ڪو به حفاظتي باڪس نه هو ۽ هن پرس مان انجيڪيشن ڪڍي ٻارڙن کي ٽڪا هنيا، جن ڪري ٻارڙن جي حالت خراب ٿي وئي. هنن چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ ٻارڙن کي داخل ڪرايو، جتي 3 ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ڊي ايڇ او نوابشاهه، ٽُڪا هڻندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ پي ايم يو اسپتال انتطاميه خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *