Tuesday , April 16 2024

نوابشاهه ۾ بااثر ڏاڍي مڙس وڏيري پاران ڳوٺاڻن کي لڏائڻ لاءِ ڌمڪيون، ڳوٺاڻن جو احتجاج

Protest skatch

نوابشاھ (سنڌسماءَچار نيوز) نوابشاهه جي ڳوٺ غلام رسول شاهه جي ڏاڍي مڙس بااثر وڏيري خلاف وڏيري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ رهواسي مردن ۽ عورتن بشير خاصخيلي، محمد حڪيم، زيب النساءَ، صدوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري بااثر خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته هــُـو ڳچ عرصي کان ڳوٺ ۾ ويٺل آهن، پر ڳوٺ جو وڏيرو لڏائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.هنن چيو ته بااثر ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ کين موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي جنهن سبب سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.ڳوٺڻن جو چوڻ هو ته پوليس به بااثر جي ساٿاري بڻيل آهن جنهن ڪري بااثر خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن نوجوانن کي گرفتارڪيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

قمبر ۾ گهر تي حملو، ناري اغوا، نوجوان مرڻينگ

قمبر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *