Friday , March 29 2024

نهال هاشمي پاران گڏيل جاچ ٽيم جي ميمبرن کي ڌمڪين جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو- ڌمڪين واري تقرير دوران ٻين اڳواڻ جي موجودگي بابت جاچ شروع-ذريعا

nehal_hashmi1

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي( هاڻي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي) پاران سپريم ڪورٽ پاران پاناما مامري جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ٽيم جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري بيان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي نهال هاشمي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، قانون لاڪو ڪندڙ ادارن پاران، نهال هاشمي جي تقرير واري تقريب جا سمورا تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالھ جي به جاچ ڪئي پئي وڃي ته، نهال هاشمي جي ان تقرير دوران نواز ليگ جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا اڳواڻ ان تقريب ۾ موجود هئا. سنڌسماءَچار پاران هٿ ڪيل معلومات ۾ خبر پئي آهي ته، لاڳاپيل ادارن اها به معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، نهال هاشمي جي تقرير بعد اتي موجود ڪهڙن اڳواڻ ساراھ ڪئي ۽ ڪهڙن سندس بيان کي ننديو هو.

ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته اڄ حاضر سروس سڀاڻي رٽائر ٿيندئو، اسان اوهان ۽ اوهان جي خاندان لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين.

ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نهال هاشمي چيو آهي ته مسلم ليگ نون جو هر دور ۾ احتساب ٿيندو رهيو آهي. جڏهن پاڪستان ترقي ڪندو آهي ته اهڙو مائينڊ سيٽ ايندو آهي، جيڪو پاڪستان کي پوئتي ڪرڻ چاهيندو آهي.

نهال هاشمي سينيٽرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، وزيراعظم نواز شريف ساڻس ملڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

ن ليگ جي مستعفي سينيٽر نهال هاشمي پاران جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ڌمڪيوين ڏيڻ واري سندس تقرير منظر تي اچڻ بعد، وزيراعظم نواز شريف پاران نهال هاشمي کي پي ايم هائوس طلب ڪرڻ بابت ميڊيا تي خبرون اينديون رهيون. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب وزير اعظم نواز شريف نهال هاشمي کان فوري طور تي استعيفيٰ وٺڻ جو هدايتون جاري ڪيون، جنهن بعد طارفق ڪرماني نهال هاشمي کي پي ايم هائوس سڏائي کيس سختي سان هدايت ڪئي ته، هو فوري طور تي سينيٽرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ۽ هاڻي وڌيڪ ڪنهن به وضاحت لاءِ ميڊيا تي نه اچي. ذريعن موجب ان ۾ ڪا به صداقت نه آهي ته ڪو وزير اعظ۾ ملاقات لاءِ نهال هاشمي کي پي ايم هائوس طلب ڪيو هو.

سنڌسماءَچار جي ڄاڻ موجب نهال هاشمي طارق ڪرماني جي هدايتن بعد فوري طور تي استعيفيٰ لکي سيڪريٽري سينيٽ کي ڏياري موڪلي، جنهن جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *