Thursday , March 28 2024

نقيب قتل ڪيس، رائو انوار ڪيس مان آجو ٿيڻ لڳو؟

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نقيب الله قتل ڪيس جو مک جوابدار ۽ ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار خلاف ڪيس جو هڪ شاهد پنهنجي شاهدي تان ڦري ويو آهي، شهزاد جهانگير چيو آهي ته، کيس ڌمڪيون ڏئي ۽ ڊيڄاري زبردستي بيان ڏياريو ويو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڪيس ان وقت نئون رخ اختيار ڪيو، جڏهن ، نقيب قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل شاهد پنهنجي بيان تان ڦري ويو. ڪيس جي شاهد، شهزاد جهانگير اوٿ ڪمشنر سامهون پنهنجو حلفي بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته، جڏهن نقيب قتل وارو واقعو پيش آيو هو ته ان وقت سندس پوسٽنگ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي هئي. هن چيو ته واقعو 13 هين فئبروريءَ تي پيش آيو هو ۽ جڏهن هُو 18 هين فئبروري تي ايس ايس پي آفيس پهتو هو ته، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. نقيب ڪيس جي شاهد پوليس اهلڪار شهزاد جهانگير گرفتار ڪرڻ جي 8/7 ڏينهن پوءِ کيس ڌمڪيون ڌئي، ڊيڄاري رائو انوار جي خلاف بيان ڏياريو ويو ۽ بيان نه ڏيڻ جي صورت ڌمڪيون ڏنيون ويو. ڪيس جي ٻڌ دوران شاهد پوليس اهلڪار پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته،  ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف بيان ڏيڻ لاءِ مٿس تشدد به ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻي سچ ڳالهائڻ تي کيس جان جو خطرو آهي، عدالت هن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار ۽ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت سمورا گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *