Tuesday , April 23 2024

نرسنگ اسڪول جي شاگردياڻي صائما نوناري جي جي پاڻ مارڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو

لاڙڪاڻو ( سنڌسماءَ چار نيوز )نرسنگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ 2 ڏينهن اڳ مبينا طور آپگهات ڪندڙ نرسنگ اسڪول جي شاگردياڻي صائما نوناري جو پوليس موبائل فون هٿ ڪري ورتو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي آپگهات کان اڳ وارثن کي وائيس ميسيج ڪيو، شاگردياڻي جي وارثن پوليس سان رابطو ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. 2 ڏينهن اڳ مبينا آپگهات ڪندڙ نرسنگ اسڪول جي شاگردياڻي صائما نوناري جو پوليس موبائل فون هٿ ڪري ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ساجد امير سدوزئي چيو آهي ته شاگردياڻي آپگهات کان اڳ وارثن ڏانهن هڪ وائيس ميسيج ڪيو هو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب شاگردياڻي وائيس ميسيج ۾ والدين کي چيو ته اوهان مان ڪا به شڪايت ناهي، پر هوءَ وڌيڪ جيئڻ نٿي چاهي، جنهن ڪري آپگهات ڪري رهي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب اڄ جا نوجوان محبت ۾ ناڪامي تي آپگهات جهڙا انتهائي قدم کڻن ٿا، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد سڀ ڪجهه چٽو ٿي ويندو. ٻئي پاسي شاگردياڻي صائما نوناري جي وارثن پوليس سان رابطو ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ معاملي جو ڪيس داخل ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *